بيلا حديد افغانين جي حق ۾ ميدان تي اچي وئي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ)فلسطين ڄائي آمريڪي ماڊل بيلا حديد جو شمار شوبز جي انهن شخصيتن ۾ ٿيندو آهي، جيڪي جنگ سٽيل ملڪن جي مظلوم عوام لاءِ آواز اٿارينديون آهن. بيلا حديد فلسطين جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ به شرڪت ڪئي هئي، جڏهن ته هن اسرائيل جي وحشياڻي تشدد ۽ بمباري خلاف پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي مذمتي پيغام پڻ جاري ڪيا هئا. آمريڪي ماڊل مختلف ملڪن جي پناهگيرن جي مدد لاءِ به اڳڀري نظر ايندي آهي ۽ هاڻ کيس افغان پناهگيرن جي ڳڻتي ورائي آهي، جنهن لاءِ هن مداحن کي عطئي جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي فتح کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺندڙ افغان پناهگيرن لاءِ عطيو گڏ ڪيو وڃي. طالبان 15 آگسٽ 2021 تي ڪابل جو قبضو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ نه رڳو اتي موجود آمريڪي فوجي ۽ افغان صدر اشرف غني سميت ڪيترائي اهم حڪومتي عهديدار ملڪ مان فرار ٿي ويا هئا پر هزارن جي انگ ۾ افغان شهري به پناهه لاءِ پاڙيسري ملڪن ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان بيلا حديد پنهنجي مداحن کي افغانستان ۾ طالبان جي فتح کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ پناهه حاصل ڪندڙ پناهگيرن لاءِ عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي .بيلا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري هڪ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پناهگيرن لاءِ عطيو ڏيڻ جا تفصيل ڏنا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو