بيروزگاري ۾ واڌ عمران جي اصل تبديلي آهي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ ٿيندڙ رڪارڊ اضافو عمران خان جي تبديلي جو اصل چهرو آهي.اڪنامڪ سروي 2021 جي حوالي سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڪنامڪ سروي ۾ غربت ۽ بيروگاري جو ذڪر ان لاءِ ناهي ڪيو ويو ته ان ڏينهن ۾ تاريخي اضافو ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ غربت ۾ تاريخي اضافو ٿيو جنهن سبب اڪنامڪ سروي مان غربت جو ذڪر غائب آهي.ملڪي تاريخ ۾ بيروزگاري ۾ شرح ۾ ٿيندڙ رڪارڊ اضافو عمران خان جي تبديلي جو اصل چهرو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته غربت ۽ بيروزگاري جي انگن اکرن کي لڪائڻ ۽ مهانگائي جي لاءِ بهانا ٺاهڻ مسئلي جو حل نه آهي. جيڪڏهن اڪنامڪ سروي ۾ عوامي مسئلن جي صحيح نشاندهي نه ٿيندي ته اهي مسئلا ڪيئن حل ٿيندا.عوام تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف جي وزن کي کڻندي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي صورت ۾ عمران خان جي نااهلي جي مهانگي قيمت کي ڀڳتي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو