بيباڪ صحافي جاويد ميمڻ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

سکر (جیرام داس) تنهائين جي مسافر ڪتاب جو خالق سڀني کي تنها ڪري ويو، سکر جو ارڏو، بهادر، بيباڪ، اديب، ليکڪ، دانشور ۽ سکر پريس ڪلب جو صدر جاويد ميمڻ وفات ڪري ويو.هو هڪ سال کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد گمبٽ جي گمز اسپتال ۾ صبح جو 51 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس وفات جي اطلاع تي سکر سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا صحافي ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سندس گهر پهتا، جاويد ميمڻ جو مڙھ گمز اسپتال مان ايمبولينس ذريعي گهر آندو ويو جتي ميت پهچڻ تي سندس گهر ڀاتين سميت صحافي به روئيندا رهيا. جاويد ميمڻ جي جنازي نماز سکر ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾  هر طبقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد ميت کي سندس ابائي قبرستان نئون ڳوٺ ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف سيڪريٽري نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد انور رضا، صغير چودري، نائب صدر شاهه محمد، راجا ابرار، شازيه نير، مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ احسن رضا، آر آءِ يو  جي صدر عامر سجاد سيد، سينيئر صحافي عابد عباسي، جاويد صديقي، مسلم اليگ فنگشنل سکر جي صدر سيد شفقت علي شاهه ۽ ٻين جاويد ميمڻ جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جو جهنڊو هڪ ڏينهن لاءِ جهڪايو ويو،  ٻئي طرف مشير اطلاعات قانون ۽ اينٽي ڪرپشن سنڌ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، سينيٽر اسلام الدين شيخ، قومي اسيمبلي جي ميمبر نعمان اسلام شيخ، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير  سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻين سندس وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.هو نه جهڪڻ وارو صحافي هو هن پنهنجي زندگي جو ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصو صحافت کي ارپيو. جاويد ميمڻ پنهنجي صحافتي سفر دوران صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ صحافي تي جيڪڏهن ڪو ڏکيو وقت ايندو هو ته ان وقت ئي پنهنجي سٿ سميت اتي پهچي ٻانهن ٻيلي ٿيندوهو، صحافت سفر دوران هن ڪيتريون سختيون برداشت ڪيون اتر سنڌ جي وڏيرن جاگيردارن، سرمائيدارن طرفان غريبن سان ڪيل زيادتين کي هميشه پنهنجي قلم ذريعي وائکو ڪيو ۽ غريبن ۽ مظلومن جي آواز کي هميشه ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ آخري وقت تائين صحافت جو سفر جاري رکيو. جاويد ميمڻ صحافتي تنظيم سيفما جو مرڪزي اڳواڻ ۽ سيفما چيپٽر سکر ريجن جو صدر به رهيو جڏهن ته سکر يونين آف جرنلسٽ جو ٻه ڀيرا صدر رهڻ کان پوءِ سکر پريس ڪلب جو ٻه ڀيرا صدر منتخب ٿيو، هو هڪ انويسٽيگيٽو رپورٽر سان گڏ بهترين لکندڙ هو. جاويد ميمن پنهنجي زندگي ۾ ٻه شاديون ڪيون جن مان کيس ڇهن ٻارن جي اولاد آهي، پهرئين شادي پنهنجي ئي برادري مان ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو جڏهن ته ٻي شادي ڪشمور سان تعلق رکندڙ سومرا برادري مان ڪئي جنهن سان زندگي جا ويهه سال گذاري چئن ٻارن جي اولاد ٿيڻ بعد وفات ڪري ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو