بوزدارن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ، صحافي تي حملو ڪندڙ آزاد

جروار (محمد بخش گبول) دوڪان جي مالڪي تان بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون ۽سروٽا لڳڻ سبب اختر بوزدار منور علي بوزدار عاقل بوزدار ۽جلال بوزدار زخمي ٿي پيا , پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي زخمين کي جروارٿاڻي کڻي آئي زخمين کي پوليس ليٽر ڏيئي سول اسپتال ميرپورماٿيلو علاج لاءِ موڪليو. هوڏانهن ٻنهي ڌرين جي 10ماڻھن مٿان اين سي داخل ڪئي وئي ,ٻئي پاسي هڪ ڌر جي غلام بوزدار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دوڪان منهنجي پراپرٽي آھي مخالف قبضو ڪرڻ چاهن ٿا ,اسان دوڪان تي ويٺل هئاسين ته انهن حملو ڪيو ,ٻئي ڌر جي عاقل بوزدار ٻڌايو ته دوڪان اسان جو آھي دوڪان اسان حسن علي بوزدار کي ڪرائي تي ڏنو هو. ٻئي پاسي هڪ هفتو اڳ صحافي خليل گبول جي گهر ۾ با اثر لٺ بردار جوابدارن  پاران گهڙي حملو ڪري صحافي جي ڀاءُ سميت 3 ڄڻن کي سخت زخمي ڪندڙ جوابدارن مان هڪ جوابدار دلمراد گبول جروار ٿاڻي جي اي ايس آءِ غلام حيدر ملڪ ڪاروائي ڪندي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو هو جنهن کي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو. پوليس جي اهڙي عمل خلاف صحافين احتجاج ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان گهر ڪئي ته حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو