بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 12 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار)ڪنڌڪوٽ ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد اندر ڪچي جي علائقي ڳوٺ مھراب خان بنگوار ۾ بنگوار برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ  تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ٻنھين ڌرين جا 12 ماڻھون زخمي ٿي پيا  لٺيون ۽ ڪُھاڙيون لڳڻ سبب ھوران بنگوار قمرالدين بنگوار علي نواز بنگوار علي جان ۽ منٺار بنگوار سخت زخمي ٿي پيا آھن، واقعي جي اطلاع ملڻ شرط پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري زخمين کي  ڪشمور جي نِجي اسپتال منتقل ڪيو ويو ڇڏيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ کان پوء ڪيس داخل ڪيو ويندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو