بنگلاديش ڏکڻ افريقا کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي( ڊيسڪ رپورٽ) بنگلاديش ۽ ڏکڻ افريقا ۾ ورلڊ ڪرڪٽ ڪپ جي ميچ ڏکڻ افريقا 21 رنسن تان هارائي ويو. ڏکڻ افريقا ٽاس کٽي بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. بنگلاديش 330 رنسون ٺاهيون، جيڪو هن مهل تائين جو سڀني کان وڌيڪ اسڪور آهي. ثاقب الحسن 75، مشفق 78، سوميا سرڪار 42، تميم اقبال 16 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا. بنگلاديس جي پهرين وڪٽ نائين اوور ۾ ڪري ۽ هڪ موقعي تي 45 اووارز ۾ 271 تي پنج رانديگر آئوٽ هئا پر آخري 30 بالن تي 59 رنسون اسڪور ٿيون. ڏکڻ افريقا پهرين ميچ انگلينڊ کا هارائي چڪو آهي ۽ اچ ٻئي ميچ ۾ هن مهل تائين ٿيل ميچن جو سڀني کان وڌيڪ اسڪور چيز ڪري پئي. ڊي ڪاڪ غلط فهمي سبب 23 تي آئوٽ ٿي ويو، مرڪرم 45 رنسن تي بولد، ڊيوپليسس 62، ملر 38، وين ڊر ڊسن41 تي آئوٽ ٿي ويو، جي پي ڊومني 45 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ڏکڻ افريقا هيستائين واحد ملڪ آهي جيڪو ٻئي ميچ هارائي ويو آهي. هن مهل تائين 48 ليگ ميچن مان پنج ٿي چڪا، ڇهون ميچ سڀاڻي پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. سريلنڪا نيوزيلينڊ هٿان، افغانستان آسٽريليا، پاڪستان ويسٽ انڊيز هٿان هارائي چڪا آهن. ڏکڻ افريقا اڳ ۾ انگلينڊ کان هارايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو