بنا رت ڪڍڻ جي پهگر ذريعي شگر جي ٽيسٽ ايجاد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي سائنسدانن پگهر ذريعي رت ۾ شگر جو مقدار ڄاڻڻ لاءِ هڪ اهڙو سينسر  ايجاد ڪيو آهي جنهن کي اسٽيڪر جيان کل تي چنبڙائي ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿي. هي سينسر پينسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي پروفيسر ليري چينگ ۽ سندس ساٿين تيار ڪيو آهي جڏهن ته ان جا تفصيل ريسرچ جرنل ”بايو سينسرز اينڊ بايو اليڪٽرونڪس“ جي تازي پڌرائي ۾ آن لائين شايع ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته رت جيان پگهر ۾ به شگر (گلوڪوز) موجود هوندو آهي پر ان جو مقدار رت جي ڀيٽ ۾ 100 ڀيرا گھٽ آهي. روايتي طريقي تحت رت ۾ شگر جومقدار ڄاڻڻ لاءِ آڱرين ۾سئي هڻي رت ڪڍي هڪ خاص طرح جي ننڍي پٽي (اسٽرپ) تي رکيو ويندو آهي. اها اسٽرپ ”گلوڪو ميٽر“ شگر ماپيندڙ مشين ۾ لڳائي ويندي آهي جيڪا ڪجهه سيڪنڊن دوران رت ۾ شگر جو مقدار معلوم ڪري اسڪرين تي ظاهر ڪندي آهي. آڱر ۾ سئي هڻڻ ۽ رت ڪڍڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري رت ۾ شگر جو مقدار ڄاڻڻ جي عمل کي به تڪليف کان پاڪ بڻائي سگھجي ٿو. اهو اوزار به انهيءَ ضرورت کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي جنهن جي تياري ۾ ”گريفين“ نالي مادي تي نڪل ڌاتو جو سنهڙو تهه چاڙهي ان کي پگهر ۾ گلوڪوز ماپڻ جوڳو بڻايو ويو آهي. پروفيسر ليري چينگ جو چوڻ آهي ته پگهر ۾ گلوڪوز جو گھڻو گھٽ مقدار بلڪل درست طور تي ڄاڻڻ سڀ کان اهم مسئلو هو جنهن کي سندس ٽيم ڊگھو عرصو تحقيق ڪرڻ کان پوءِ آخرڪار حل ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو