بم ناڪاره، خوشحال ايڪسپريس تباهي کان بچي وئي 5 گرفتار

ڪشمور (جي ايم کوسو) راڄن پور ڀرسان ڪوٽله حسن شاھ جي ويجھو ريلوي ٽريڪ تي 5 ڪلو وزني بم ڳوٺ وارن ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. جتي وڏي تعداد ۾ پوليس نفري پھچي علائقي کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. جڏھن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ  اسڪواڊ موقعي تي پھچي بم کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. پوليس علائقي کي گھيري ۾ آڻي  سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. 10 وڳي پشاور کا ڪراچي ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس وڏي تباهي کان بچي وئي. ٽرين کي راڄنپور اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي ۽ ريلوي لائن تي سرچ آپريشن ڪري 100 ڪلوميٽرن تائين ريلوي پٽڙي جو جائزو وٺي خوشحال خٽڪ ايڪسپريس کي روانو ڪيو ويو. پنجاب جي انسداد دهشتگدر فورس بلوچستان ريپبلڪ آرمي جي بگي گروپ جا پنج دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جن م حسين بخش المعروف اڪا بگا ريش، بخش، بالاچ المعروف اڪا بلاس، رحم علي ۽ مجاهد دين المعروف اڪا موجي شامل آهن. هنن وٽان هٿيار، بارود ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آحي. هنن جو برهمداغ سان رابطو هو ۽ سندس هدايتن تي عمل ڪري رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو