بمبلي مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

خانپور مهر (رپورٽ:آفتاب سيال)آبادگارن پاران بمبلي مائينر ۾ پاڻي نه هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آبادگار عبدالباري گبول سلطان گبول، احسان گبول، يار محمد گبول، مولا بخش ۽ ٻين پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪافي وقت کان بمبلي مائينر ۾ پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي انجنيئر گهوٽڪي ٻين اعلي آفيسرن سان ڪافي دفعا ملڻ باوجود به خانپور مهر جي بمبلي مائينر ۾ پاڻي نه اچي سگهيو وڌيڪ احتجاج ڪندڙ تڪ جي ايم اين اي سردار محمد خان مهر صاحب ايريڪشن جي اعلى آفيسرن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي بمبلي مائينر ۾ پاڻي ڏئي ڪري اسان جي روزي ذريعي فصل کي سڙڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو