بليڪ ميل نه ٿيندس، ڀلي اپوزيشن کي حڪومت ڏيو، عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. قومي اسيمبلي ۾ اڄڪلهه مني بجيٽ تي بحث جاري آهي ۽ ضمني مالياتي بل جي منظوري کان اڳ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرايو ويو پر اجلاس ۾ صورتحال خراب ٿي وئي. مني بجيٽ، مهانگائي، اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري تي سخت خدشن جو اظهار. ذريعن موجب ملاقات ۾ بچاءَ واري وزير ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته اسان توهان کي وزيراعظم بڻايو آهي، اوهين مسئلا حل نٿا ڪريو، اهو رويو جاري رهيو ته اسين ووٽ نه ڏينداسين. ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي ڳالهه تي وزيراعظم اٿي کڙو ٿيو ۽ چيو ته جيڪڏهن توهان مون کان مطمئن نه آهيو ته حڪومت ڪنهن ٻئي کي ڏين لاءِ تيار آهيان، مان  ملڪ جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، نه ذاتي مفاد، نه منهنجو ڪارخانو آهي نه ڪاروبار آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پرويز خٽڪ کي سخت جواب ڏيندي چيو ته اوهان مون کي سڀني جي سامهون بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو، مان بليڪ ميل نه ٿيندس، اوهان مون کي بليڪ ميل نٿا ڪري سگهو، مان اهو ذاتي ملڪيت لاءِ نه پيو ڪريان، ھر روز فون ڪري ووٽ گھرندو آھيان، IMF کان ٽيڪس گھٽائڻ لاءِ چوندو آھيان، ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي تقرير ٻڌڻ تي وزيراعظم ناراضگي جو اظهار ڪندي اجلاس مان ٻاهر وڃڻ لڳو، پرويز خٽڪ به ٻاهر نڪتو. پرويز خٽڪ حماد اظهر ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين تي به تنقيد ڪئي. ذريعن موجب اجلاس جو ماحول ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو ۽ اجلاس جا مقصد حاصل نه ٿي سگهيا، وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان مني بجيٽ جي معاملي تي باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگهيو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ميمبر اسيمبلي نور عالم به سخت سوال ڪيا. هن وزيراعظم کان سوال ڪيو ته ڇا اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري سان سيڪيورٽي ادارا متاثر نه ٿيندا؟ ڇا اسان سڪيورٽي ادارن جي اڪائونٽس جي آءِ ايم ايف وارا تفصيلن جي ڇنڊڇاڻ ڪندا؟ ذريعن موجب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اها توهان جي بليڪ ميلنگ آهي ته پوءِ مخالف ڌر کي دعوت ڏيو ته اچي حڪومت ٺاهي. ان تي وزيراعظم چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته قومي مفاد تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سڪيورٽي ادارن جي حفاظت اولين ترجيح آهي. پوءِ نور عالم خان پڇيو ته ڇا مني بجيٽ مان گئس، پاڻي ۽ بجلي ملندي؟ ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ملاقات دوران ٻين ميمبرن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. ياد رهي ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ جي منظوري لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي. وزيراعظم گذريل ڏينهن حڪومتي ۽ اتحادي پارٽين جي قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي رات جو اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي هئي.

وڏن وزيرن جي ڊنرز ۾ غير حاضري

ان کانسواءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وڏن وزيرن به گذريل رات قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي الڳ الڳ ڊنر ڏنا، جڏهن ته ذريعن موجب پنجاب جي 30 کان وڌيڪ قومي اسيمبلي ميمبرن وڏي وزير جي ڊنر ۾ شرڪت نه ڪئي. ڊنر جي موقعي تي پارٽي ميمبرن جي قومي اسيمبلي جي حاضري يقيني بڻائي وئي، ڊنر تي نه ايندڙ پارٽي اسيمبلي ميمبرن جي لسٽ تيار ڪئي وئي، ڊنر تي نه اچڻ وارن جي لسٽ وزيراعظم کي موڪلي وئي. ان کان علاوه ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان به گذريل رات قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي الڳ ڊنر ڏني ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ سميت قومي اسيمبلي جي 5 کان 6 ميمبرن ڊنر ۾ شرڪت نه ڪئي. عين وقت تي ايم ڪيو ايم پاڪستان مني بجيٽ تي سخت خدشن جي اظهار باوجود مني بجيٽ تي حڪومت جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو