بليڪ ميلرن خلاف ڪاروائي ڪريو، چائلڊ اسپيشلسٽ

خيرپور(ن س) خيرپور ۾ ٻارڙن جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر مختيار ڪلهوڙو پنهنجي ميڊيڪل آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مان انصاف پسند ۽ قانون تي يقين رکندڙ عزتدار شهري آهيان . عريشا ڪالوني ۾ منهنجا پلاٽ آهن. اهي پلاٽ مان جماڻي برادرز کان ورتا هئا جن جا رجسٽريشن ٿيل ڊاڪيومينٽ مون وٽ موجود آهن. انهن پلاٽن جو مان قانوني طور تي مالڪ آهنيان. ڪجهه بليڪ ميلر قسم جا امام بخش منگي، لعل بخش منگي، رسول بخش خاصخيلي ۽ ٻيا ماڻهو ڀتي لاءِ مون کي بنا جواز تنگ ڪري رهيا آهن. مون جي مٿان ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو جيڪو ڪورٽ به منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ان جي باوجود به مون کي مسلسل پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مان ڪنهنجي به بليڪ ميلنگ يا ڌمڪين ۾ نه ايندس. مان ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيان ٿو ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي ڀتي چورن ۽ بليڪ ميلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو