بلين ٽري ۽ بي آر ٽي منصوبن جي نيب کي جاچ ڪرڻ گهرجي،علوي

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو آهي ته مالم جبه هڪ ارب وڻ لڳائڻ ۽ پشاور جي انٽر سٽي بس اسڪيم، بي آر ٽي جي معاملن جي نب کي جاچ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن نيب جاچ نه ڪري ته ان خلاف ڪنهن کي ته عدالت ۾ وڃڻ گهرجي ته آخر نيب جاچ ڇو نه ٿو ڪري. اهڙو اظهار هن جيو نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته جهڙي طرح حج جي موقعي تي ماڻهو قرباني جا پئسا جمع ڪرائيندا آهن اهڙي طرح پاڪستان ۾ به ٿين گهرجي ۽ اجتماعي قرباني جو رواج پوڻ گهرجي. هن چيو ته قرباني جي عيد جي موقعي تي جانورن جي منڊين ۾ رش نه ٿيڻ گهرجي ان لاءِ حڪومت ايس او پيز جاري ڪندي. هن چيو ته قرباني جي عيد ان بعد محرم ۾ جيڪڏهن اجتماعن تي ڪنٽرول ٿيو ته پوءِ ڪورونا تي ڪنٽرول ٿي ويندو. هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران دنيا وانگر پاڪستان ۾ بي احتياطي نظر آئي. اسڪول کولڻ بابت هن چيو ته ان جو دارومدار ڪورونا جي شدت تي آهي باقي سڄي دنيا ۾ هاڻي آن لائن تعليم هلي ٿي. سنڌ ۽ وفاق جي اختلافن بابت هن چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ معيشت جي بهتري تائين تڪرار هلندو رهندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت جا اختيار گورنر کي ڏيڻ بابت وفاقي حڪومت ڪا تجويز ناهي ڏني. 18هين ترميم بابت هن چيو ته آئين ۾ ترميم ٿيندي رهندي آهي جيڪڏهن ان تي نظر ثاني ٿي ته ڪهڙو هرج آهي. هن چيو ته جيڪڏهن معيشت ۾ واڌ جي شرح 2 سيڪڙو ۽ آبادي ۾ 3 سيڪڙو هوندي ته مسئلا پيدا ٿيندا.جهانگير ترين جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت صدر چيو ته هو واپس ايندو ۽ پاڻ دفاع ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو