ڪراچي واقعي جي جاچ حڪومت يا عدليه ڪري، مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بلوچ شاگردن جي پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ ختم ڪيل ڪوٽا بحال ڪئي وڃي. اهڙو مطالبو لاهور ۾ ڌرڻي تي ويٺل بلوچ شاگردن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شهباز شريف 600 بلوچ شاگردن کي پنجاب جي تعليمي ادارن م مفت تعليم لاءِ ڪوٽا رکي هئي جيڪا بني گالا ۾ لڪي ويٺل سرڪار ختم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هي تعليم گهرن ٿا جيڪو سندن بنيادي حق آهي، هن چيو ته مان سڀاڻي ڪوئٽا ويندس ۽ بلوچ شاگردن جو مسئلو اتي به اٿاريندس. هن چيو ته وزير وائڙائپ ۾ بيان بازي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته شهباز شريف بعد پنجاب نڌڻڪو ٿي ويو آهي، 12 ڏينهن کان بلوچ شاگرد روڊ تي ويٺا آهن حڪومت مان ڪو هنن ڏانهن لڙي ناهي آيو. هن چيو ته جمهوريت ۾ ڪنهن به واقعي جي جاچ حڪومت يا عدليه ڪندي آهي ڪنهن ٻئي اداري کي جاچ لاءِ چوڻ ئي نه گهرجي. ڪراچي واقعي جا مراد علي شاهه خوفناڪ تفصيل ٻڌايا آهن اهي جاچ ۾ شامل ڪري جاچ رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي. هن چيو ته هر شئي پڌري پئي آهي ڪنهن جاچ جي ضرورت ناهي، معاملو دٻايو پيو وڃي. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته حڪومت جنوري کان اڳ هلي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو