بلوچستان ۾ زلزلو 20 فوت 300 زخمي،ڪيترائي ملبي ۾ دٻيل

هرنائي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾شديد زلزلي جي نتيجي ۾  20 فوت، 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڪوئيٽا، هرنائي، پشين، سبي، قلعه سيف الله ، زيارت، چمن، قلعه عبدالله، سنجاوي ۽ مسلم باغ ۾ گذريل رات جو 3 لڳي2 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي شدت  5.9رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته اونهائي هرنائي ضلعي ۾ 15 ڪلوميٽر هئي، زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ڪري پيون. ڊي  سي هرنائي سهيل انور هاشمي جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ئي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن،

https://twitter.com/Noroz_b12/status/1445978052685664256

امدادي ٽيمون، فوج، ايف سي ۽ ليويز اهلڪار امدادي ڪمن ۾ رڌل آهن ۽ ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. زلزلي جي ڪري زخمي ٿيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته پري وارن علائقن مان زخمين کي هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا اسپتال پهچايو پيو وڃي. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب رستا بند ٿي ويا، هرنائي سنجاوي روڊ جي بحالي لاءِ ليويز اهلڪار امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته لورالائي هرنائي شاهراه به بند ٿي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب هرنائي ۾ 70 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي. صوبائي گهرو وزير ضيا الله لانگو زلزلي جي نتيجي ۾ 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته پي ڊي اي ڪوئيٽا کان هيوي مشينري ۽ ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪيون جيڪي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍن پيون هن چيو ته زلزلي جي ڪري زيارت،قلعه سيف الله ۽ سبي ۾ به نقصان جا اطلاع آهن، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ نقصان هرنائي ۾ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو