بلوچستان جي بجيٽ کان اڳ اسمبلي ميدان جنگ بڻيل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ بجيٽ اجلاس کان پهريان اپوزيشن جي احتجاج، صوبائي اسيمبلي کي ميدان جنگ ۾ بدلائي ڇڏيو. اپوزيشن جي ميمبرن بجيٽ اجلاس کان اڳ بلوچستان اسيمبلي جي سڀني دروازن کي لاڪ ڪري ڇڏيو. پوليس اهلڪارن ايم پي اي هاسٽل جي ويجهو اسيمبلي جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن بعد مخالف ڌر جي ميمبرن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ تلخ ڪلامي ٿي. انهي دوران پوليس جي بڪتربند گاڏي ٽڪر هڻي اسيمبلي جي گيٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جي زد ۾ اچي اسيمبلي ميمبر بابر رحيم ۽ عبدالواحد صديقي زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ اپوزيشن جا ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا ۽ جهيڙو ٿي پيو جڏهن ته پوليس اپوزيشن ميمبرن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي. هنگامي دوران اپوزيشن جا ڪيترائي ميمبر زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته اسيمبلي ۾ ڪيترائي شيشا ٽٽي پيا. ان دوران بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال صوبائي وزيرن کي اسيمبلي اندر وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان کان اڳ ڏينهن جو اپوزيشن وارن ڌرڻا هڻي ڪوئٽا جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ روڊ بند ڪيا هئا. اپوزيشن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ ٽن سالن کان سندن حلقن ۾ حڪومت ترقياتي منصوبا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندن ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊز روڪي ڇڏيا آهن. بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي اپوزيشن جا الزام رد ڪندي چيو ته هو پنهنجا مطالبا ايوان ۾ پيش ڪن، اجلاس جي ڪاروائي روڪڻ غير جمهوري عمل آهي. بعد ۾ بلوچستان جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. جنهن جو ڪل حجم 584 ارب آهي، بلوچستان جي هي خساري واري بجيٽ آهي، آمدني جو اندازو 499 ارب لڳايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو