بلوچستان اسيمبلي جي 2 ميمبرن جي ڪاميابي ڪالعدم قرار

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي حڪمران جماعت کي وڏو نقصان ان وقت لڳو جڏهن اليڪشن ٽربيونل بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) سان تعلق رکندڙ 2 ايم پي ايز جي چونڊ ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي صوبائي اسيمبلي جي ٻن تڪن ۾ ٻيهر ووٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذير احمد لانگو جي سربراهي ۾ چونڊ ٽربيونل صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران ۽ وزيراعليٰ جي مشير براءِ ماهيگير محمد اڪبر عسڪني خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو ڏنو. جج عبدالرحمٰن کيتران ۽ محمد اڪبر عسڪني خلاف داخل درخواستن کي منظوري ڪندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 8 بارکان ۽ پي بي 48 ڪيچ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ٽربيونل اليڪشن ڪميشن کي چيو ته هو ٻنهي ايم پي ايز جي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن کي ڊي نوٽفائي ڪري. خيال رهي ته عبدالرحمٰن کيتران جي خلاف نيشنل پارٽي جو عبدالڪريم کيتران جڏهن ته اڪبر عسڪني خلاف اصغر رند درخواست داخل ڪرائي هئي. واضح رهي ته سردار عبدالرحمٰن کيتران صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 8 بارکان ۽ اڪبر عسڪني پي بي 48 ڪيچ 4 تان ڪامياب ٿيا هئا. درخواست تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ نادر ڇلگري ڪريم کيتران جڏهن ته ايڊووڪيٽ محمد رياض اصغر رند جي نمائندگي ڪئي. ٻئي طرف عبدالرحمٰن کيتران ۽ اڪبر عسڪڻي ٽربيونل فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته 2018 جي عام چونڊن ۾ صوبائي حڪمران جماعت جي ميمبر رئوف رند پي بي 48 ڪيچ ۾ اصغر رند کي شڪست ڏيندي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر ان جي ٻٽي شهريت جي بنياد تي ٽربيونل ۾ ان جي ڪاميابي کي چئلنج ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ٻيهر چونڊن ۾ اڪبر عسڪني ان سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.  

پهنجو تبصرو موڪليو