بلديه فيڪٽري کي باهه حماد جي حڪم تي ڏني،اقرار نامون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم کي ڀتو نه ڏيڻ تي بلديه فيڪٽري کي باهه ڏئي 259 پورهيتن کي زندهه ساڙڻ واري ڪيس ۾ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جا اعترافي بيان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پراسيڪيوٽر کي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت اهڙو حڪم سومر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران جيل عملدارن جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ساجد پڻ عدالت ۾ پيش ٿي جوابدارن جو اعترافي بيان پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ اقرار ڪيل هو ته فيڪٽري مالڪن کان 25 ڪروڙ يا پارٽنر شپ جي گهر حماد صديقي جي چوڻ تي ڪئي جڏهن ته فيڪٽري مالڪن جي انڪار بعد فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جو حڪم مليو. اقراري بيان موجب باهه لڳائڻ جو ٽاسڪ زبير چريا کي مليو. مان موٽر سائيڪل تي زبير چريا جي پويان ويس جڏهن ته باهه هنکي لڳائڻي هئي. زبير چريا پنهنجي ساٿين سان گڏجي باهه لڳائي. ان موقعي تي ساجد محبوب شيخ رحمان ڀولا جي اعترافي بيان کان سواءِ ٻيون شهادتون به پڙهي ٻڌايون. اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ساڍا ٽي سو کان وڌيڪ گواهن جا بيان پڙهي ٻڌايا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ساجد محبوب شيخ کي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 14 فيبروي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو