بلدياتي چونڊ موسم، سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) گهوٽڪي ضلعي اندر هڪ دفعو ٻيهر سياسي گرما گرمي تيز ٿي وئي،  بلدياتي چونڊون ويجهي ايندي ئي سياسي اڳواڻن ٻيهر سخت گرمي باوجود شهرن ۽ ٻهراڙين جو رخ ڪري ڇڏيو , عذرخواهين ۽ مختلف اسڪيمن جا اعلان , پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو جا گهوٽڪي جي مختلف علائقن جا دورا ڪيترن هندن تي عذرخواهيون ڪرڻ بعد سيف الله ڌاريجو پ پ اڳواڻ پ پ سٽي جي صدر مجاهد عبدالمجيد لاکو , سڪندر لاکو , زاهد ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻ ڪري گهوٽڪي جي شاهي بازار پهتو , جتي هن گهوٽڪي جي شاهي بازار جي دوڪاندارن سان ملاقاتون ڪيو , ان موقعي ته هن گهوٽڪي جي شاهي بازار جي سالن کان ناڪارا بڻيل ڇت ٻيهر نئي سر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو , ان موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام سيف الله خان ڌاريجو چيو ته گهوٽڪي جي شاهي بازار جي ڇت ڪيترن سالن کان ناڪارا آهن دوڪاندارن جي شڪايت هئي ته ڪو وڏو حادثو نه ٿي جنهن ڪري اڄ هتي پهچي گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او نادر شاھ امروٽي کي حڪم جاري ڪيو آهي ته هو جلد کان جلد شاهي بازار جي ڇت نئي سر تعمير ڪرائي , هن چيو ته گهوٽڪي جي بازارن ٻاهران واش رومن جي پڻ سخت ضرورت آهي جيڪي پڻ ٺهرايا ويندا , گهوٽڪي شهر ميونسپل جي نااهلي سبب گندگي وڌڻ واري سوال جي جواب ۾ سيف الله ڌاريجي چيو ته مان ميونسپل جي سمورن عملدارن سان گڏجاڻي ڪري حڪم جاري ڪيو آهي ته هو جلد کان جلد شهر جي سمورن علائقن جي صفائي ڪرائين , ان موقعي ته شهرين سي ايم او گهوٽڪي پاران شهر اندر صفائي نه ڪرائڻ جون شڪايتون پڻ ڪيون .ٻئي پاسي پ۔پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر خان لنڊ پ پ  آفيس پهچي پ پ اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي ,  پ۔پ صدر شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بابت پ پ اڳواڻن سان شهر جي بهتري لاء غور ويچار ڪيو  ۽ گهوٽڪي شهر ۾ صاف سٿرائي سميت وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ علي رضا سنگهڙ۔ راحب گهوٽو۔ شوڪت لغاري۔ عمر سنگهڙ۔ نديم لاکو۔ عبدالستار ڀيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.بابر خان چيو ته ڪوٽا مان آيل نوڪريون پ۔پ ورڪر پورهيتن کي ڏنيون وينديون. ان موقعي ته پ پ سٽي گهوٽڪي جي صدر مجاهد عبدالمجيد لاکو پ پ ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ کي اجرڪ ۽ گل پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو