بلدياتي چونڊن ۾ ڪرپٽ ٽولي جو مقابلو ڪبو، پليجو

ڪڙيو گھنور(ن سنڌيار) قومي عوامي تحريڪ جي اڳوان اياز لطيف پليجو چيو آهي ته فاضل راھو سورھيائي، سچائي ۽ سرويچي سان جدوجھد جو نالو آھي۔ شھيد عوام فاضل راهو عظمتن جو اوچو مينار آھي، جنهن جي روشني مظلوم ۽ هيسيل انسانن لاء ھڪ سونهين جيان رهنمائي ڪري ٿي ۽ کين پنهنجي دڳ ۽ منزل تي پهچائي ٿي۔ اهرو اظهار هن قومي عوامي تحريڪ جي شھيد فاضل راھو کي ڀيٽا پيس ڪرن منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فاضل راھو اميد، يقين ۽ وڏو حوصلو ھو۔ ھن سڄي زندگي ظلم خلاف جنگ ڪئي، پوء اھا جنگ ظالم وڏيرا شاھي خلاف ھجي، پوليس ۽ ڪورٽن ۾ ٿيندڙ ناانصافي خلاف ھجي، شاگردن جي آمريت خلاف ويڙھ ھجي، سنڌ جون ٻنيون نام نھاد نيلام وسيلي ڦٻائڻ، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ڪيل فسادن جي باھ ۾ ساڙيل سنڌين جي بچاءَ، جمهوريت جي نالي ۾ مڙهيل آمريت خلاف مظلوم قومن جا حق بچائڻ، فوجي آمريت، عالمي سامراجي قوتن جي ڏاڍاين خلاف ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي.

Participants of Jalsa

اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جيڪا ماءُ جيجل آھي، ڌرتي جيڪو وطن آهي ان کي پيپلزپارٽي وارا بازار جو وکر سمجھي کپائين پيا ۽ ان جي بدلي ۾ ھي اقتدار وٺندا اچن ۽ ھاڻ بہ وٺن پيا، جيئن بدي ۾ سڱ ڏبا آهن ائين ھي ڌرتي جو سودو ڪري اقتدار وٺن پيا، زرداري ۽ عمران ٻئي گڏ آھن ۽ اڳي زرداري ۽ نواز شريف گڏ ھئا ۽ 1988ع ۾ اسحاق خان، اسلم بيگ ۽ پيپلزپارٽي گڏ ھئا ۽ انھن کي جمھوريت جا ٻلا ڏنا ويا. اياز لطيف پليجي چيو تہ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن جو مقابلو ڪيو ويندو۔ سنڌ جا ماڻھو ترقي ۽ خوشحالي لاء ڪرپٽ مافيا سان مقابلي لاء اڳيان اچن۔ سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ ھزارين سالن کان اسان جو وطن آهي۔ سنڌ دشمن ڌريون چاهين ٿيون تہ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي۔ هن چيو ته وفاقي حڪومت عالمي ادارن جي سخت فيصلن جو ڊپ ڏئي عوام کي ڏکيا ڏينھن ڏسڻ تي راضي ڪندي رھي آھي. 22 ڪروڙ عوام سورن ۾ آھي، حڪمران عوام جي اھنجن کي گھٽائڻ بدران دنيا جي ٻين ملڪن جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائي رھيا آھن۔

Women Participation in Rally

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ حڪومت جي ناڪامي جي ڪري سنڌ جو عوام مسئلن جو شڪار آھي۔ اشرف پليجي چيو تہ پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مھانگائي سان عوام پريشان آھي۔ فرقيواريت، انتھاپسندي، عسڪريت پسندي ۽ ڪرپشن واريون پاليسيون ختم ڪرڻيون پونديون. اصغر نوتڪاڻي چيو ته وفاق سنڌ زرداري کي حصي ۾ ڏئي ڇڏي آھي۔ گيانچند مھيشوري چيو تہ مھانگائي ۽ بدحالي ايتري قدر وڌي وئي آهي جو ماڻهو خودڪشي ڪرڻ ۽ پنھنجا ٻار وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن۔ زراعت تباھ ٿي چڪي آھي۔ سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راحيلا ڀٽو چيو تہ هن سماج ۾ عورت کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نہ ئي ان کي ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، عورت اڄڪلھ جي جديد دور ۾ به غلاميءَ واري زندگي گذاري ٿي، جلسي کي انور نوحاڻي حنيف باگراڻي، بچل احمداڻي، ساٿي مصطفي نظاماڻي، نثار ڀرڳڙي شوڪت نوحاڻي، صفير نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو