بلبل، گرامي ۽ ضيا کانسواءِ سنڌي ادب نامڪمل آهي، مقرر

ميهڙ (سنڌيار) سنڌ جي اديبن شاعرن صحافين شمس الدين بلبل ، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ضياء الدين ايس بلبل ”ضيا“ جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ پاران بلبل ، گرامي ۽ ضيا ادبي ڪانفرنس ٿي ۔ جنھن ۾ سڄاڻ ڌرين اديبن شاعرن محققن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۔ صدارتي خطاب ۾ نامياري محقق اديب ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ته بلبل ، گرامي ۽ ضيا جي ذڪر کانسواء سنڌي ادب جي تاريخ اڻ مڪمل آھي ۔ انھن ادب شاعري ۽ صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۔ سنڌ شناسي واري تحريڪ ۾ مولانا گرامي سرواڻي ۽ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو ۔ شمس الدين بلبل سنڌ ۾ سجاڳي ۽ تعليمي ترقيء ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۔ نامياري شاعر اديب جوھر بروھي چيو ته بلبل ، گرامي ۽ ضيا جو ادبي علمي سياسي سجاڳي ۾ وڏو ڪردار آھي ۔ سندن دور ادب سياست صحافت جي حوالي سان مثالي ۽ تاريخي دور رھيو آھي ۔ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته بلبل ، گرامي ۽ ضيا سنڌي ادب شاعري صحافت جا چوڏھين جا چنڊ ۽ سج ھئا ۔ نامياري اديبن شاعرن عبد مگسي ۽ سليم مگسي چيو ته بلبل ، گرامي ۽ ضيا سنڌي ادب ۽ ٻولي جا وڏا محسن ھئا تاريخ اھڙن محسنن کي سدائين ياد رکندي ۔ نامياري شاعر امتياز عادل سومرو ۽ ساٿي محبوب زنگيجو چيو ته بلبل ، گرامي ۽ ضيا ادبي ۽ صحافتي مورچي جا سالار ھئا سندن ڪردار مثالي ۽ قابل فخر رھيو ۔ ادبي ڪانفرنس کي ناميارن اديبن شاعرن عاجز سرگاڻي ۔ سرمد بروھي ۔ اعجاز مھيسر ۔ محبوب ڏيپر ۔ غلام مصطفي جتوئي ۔ آزاد زنگيجو ۔ اويس قرني ۔ عبدالرشيد اشتر ۔ منظور مولائي ۔ قاضي لطف الله مھيسر ۔ نماڻو صديق مھيسر ۔ حزب الله ميھڙائي ۔ خليفه ذوالفقار آصف ۔ نديم بروھي ۔ سھيل عباسي ۔ صفي الله سومرو ۔ رفيع الله سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو ۔ جڏھن ته علي عباس سوڍر ۔ صمد بروھي ۔ غلام مصطفي جتوئي ۽ سرمد بروھي ترنم ۾ گيت ٻڌائي داد ورتو۔ ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان بلبل ، گرامي ۽ ضيا جا ڪتاب ڇپرائڻ ۽ وزير تعليم کان ميھڙ جا تعليمي ادارا بلبل ، گرامي ۽ ضيا جي نالي منسوب ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو