بلا برادري ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو 3 قتل هڪ زخمي

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ پراڻي ڪارنھن جي تڪرار تان بلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ,ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا قتل ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو, قتل ٿي ويلن ۾ عابد بلو ,خميسو بلو ,۽ گلزار بلو شامل آھن ,جڏھن ته مجاھد بلو سخت زخمي ٿي پيو ,آھي ,واقعي کان پوء بي سيڪشن ۽ عادلپور پوليس سميت ٻين ٿاڻن جي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٻنھي ڌرين پاران فائرنگ جو سلسلو جاري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو