بلاول کي ڀٽو بدران زرداري سڏائڻ گهرجي: غنويٰ ڀٽو

لاڙڪاڻو(ن س) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيوآهي ته بلاول کي ڀٽو بدران زرداري سڏائڻ گهرجي. اهڙو اظهارهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي  ڪيو. هن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته موجوده حڪمرانن پاڪستان جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها ٿي وئي آهي. غنويٰ ڀٽو چيو ته 40سالن دوران 4 ڀٽو قتل ٿيا آهن، شهيدن کي عوام جي دلين مان ڪير به ڪڍي نٿو سگهي. هن شهيد ڀٽو جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته 70 واري جنگ ۾ اسين هارائي چڪا هئاسين پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شڪست کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن بلاول سان مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول کي ڀٽو بدران زرداري سڏائڻ گهرجي. غنويٰ ڀٽو وڌندڙ مهانگائي تي ڳالهائيندي چيو ته عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي ڀارتي پائليٽ واپس ڪرڻ جي ايتري تڪڙ هئي جو هن پارليامينٽ کان پڇڻ جي تڪليف ئي نه ڪئي، اڀينندن جي واپسي مان ائين لڳو ته ڄڻ عمران خان مودي کي تحفو ڏنو هجي. ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو جي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو. هن جلسي ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ وڏو نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو