بلاول ڀٽو جي منور عباسي جي پونئرن سان فاتحه

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڊي اڳوان معظم عباسي سان سندس والد حاجي منور علي عباسي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جو ڀاءُ ڊاڪٽر صفدر عباسي به موجود هو. وليد محلي ۾ ڪوٽ داراب جيڪا عباسي خاندان جي رهائش گاهه آهي ان تي هلي وڃي بلاول ڀٽو مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري. ڊاڪٽر صدر عباسي جي والده شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏي رهي جڏهن صفدر عباسي به حياتي جو ڳچ عرصو محترمه سان سياسي ساٿ ۾ گذاريو. محترمه جي شهادت بعد آصف علي زرداري ۽ صفدر عباسي ۾ مختلف معاملن تي اختلاف ٿيو جنهن بعد هنن پيپلز پارٽي ڇڏي جي ڊي اي جوائن ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو