بلاول پاران مهانگائي خلاف 29 آڪٽوبر تي احتجاج جو اعلان

لاڙڪاڻو(ن سنڌيار) بلاول ڀٽو زرداري 29 آڪٽوبر تي پوري ملڪ جي ضلعن ۾ مقامي پريس ڪلبن جي سامهون احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مهانگائي جي ڪري پاڪستان جو عوام سخت دور مان گذري رهيو آهي، عمران خان جنهن شيءِ ۾ هٿ وجهندو آهي اتي تبديلي نه پر تباهي ايندي آهي، آئين عوام کي جيڪي آزاديون ڏنيون آهن عمران خان اهي کسي ڇڏيون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تڪ جي يوسي 2 ۽ 19 ۾ غريب آباد ۽ ڪرم آباد ۾ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي سڏايل اجلاسن دوران خطاب ڪندي چيو ته ووٽ جي تحفظ کان وٺي ڳالهائڻ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي عمران خان کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پي ٽي آءِ ايم ايف بجيٽ جي خلاف پهرين ڏينهن کان پيپلز پارٽي احتجاج ڪيو آهي. هن چيو ته عوام کي گيس ۽ بجلي جي مهانگي بلن جي صورت ۾ موجوده حڪومت جي نااهلي کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، اڄ به پاڪستان جي هر ماڻهو جو نعرو ڳڀو، ڪپڙا ۽ اجهو آهي جيڪو عمران خان کسي رهيو آهي. هن چيو ته 17 آڪٽوبر جي جلسي ۾ عوام جي مثالي شرڪت تي ٿورائتو آهيان، هي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به نه وساريندا آهيون، اڄ لاهور ۽ هنگو ۾ مهانگائي جي خلاف احتجاج ڪرڻ تي جيالن کي شاباشي ڏيان ٿو. بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪن غوث بخش بروهي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ بلال بروهي ۽ علي مدد ٽڳڙ جي لاڏاڻي تي سندس پوٽي ايڊوڪيٽ وقار ٽڳڙ، يوسي صدر راجا رياض چوهاڻ سان سندس پيءُ ۽ ڀائٽي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هوڏانهن چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي قائد اعظم روڊ تي ايڊوڪيٽ آصف سومرو جي رهائشگاهه پهتو جتي هن ايڊوڪيٽ آصف سومرو سندس امڙ ۽ عبدالرزاق سان سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو