بلاول وساڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد بعد قتل ثابت

خيرپور(ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ جي ڀائٽي اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد سندس قتل کي حادثي جو رنگ ڏنو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سندس هٿ ۽ ٽنگون ڪٽيون ويون هيون، کوپڙي ۽ پاسيرين ۾ سخت زخم هئا. 18 نومبر واري رات سندس لاش سڙيل ويگو گاڏي مان سڃاڻپ نه ٿيڻ جي حالت ۾ مليو هو. بظاهر گاڏي بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪايل هئي ۽ اهو تاثر ڏنو ويو هو ته بجلي جي ڪرنٽ سبب گاڏي کي باهه لڳي هئي جنهن ۾ هو گاڏي سميت سڙي ويو هو. سندس دوست جيڪي گڏ هئا، اهي فرار ٿي ويا هئا. پوليس ڪراچي مان فراز راجپوت سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي جنهن پوليس آڏو اهم انڪساف ڪيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته هو وڌيڪ معلومات شيئر نٿا ڪري سگهن ڇو ته ان سان جاچ تي اثر پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو هڪ ڇوڪري سان لاڳاپيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو