بلاول سان شادي تي ڪو اعتراض ناهي,مهوش حيات

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاکستان فلمن ۽ درامن جي مشهور اداڪارا مهوش حيات جو چوڻ آهي ته کيس بلاول ڀٽو زرداري سان شادي ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي. تازو ئي اداڪاره مهيش حيات يوٽيوب چينل ناشپاتي پرائم تي هڪ شو ۾ ظاهر ٿي جنهن ۾ ميزبان هن کان پڇيو ته توهان جي  جيون ساٿي ۾ ڪهڙيون خوبيون چاهيو ٿا. سوال جي جواب ۾ مهيش حيات چيو ته هو ڇوڪرن ۾ قداور مردن  کي پسند ڪري ٿي جن انهي جو ڪوبه مسئلو ناهي ته اهي اڇي چمڙي وارا نه آهن.بعد ۾ ميزبان چيو ته هن جي اکين ۾ هڪ اهڙو انسان آهي جنهن کي مهيش پڇيو ته هو ڪير آهي.ميزبان چيو ته هو تمام مشهور آهي بااثر آهي ۽ پهريون ڀيرو هو اسيمبلي جو ميمبر بڻيوآهي. ميزبان اداڪاره کان سوال ڪيو ته بلاول کان ڪهڙي پريشاني آهي ، جنهن تي مهوش چيو ته بلاول کان ڪا پريشاني نه آهي  هو سٺو انسان آهي.مهوش جي جواب ۾ ، ميزبان فوري طور چيو ته جيڪڏهن مان ڳالهه جاري رکان ته توهان کي ڪو اعتراض ته نه هوندو جنهن تي مهوش چيو ته مون کي ڪو اعتراض  نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو