بلاول جي استقبال لاءِ ڪرائي جا ماڻهون آڻڻ جي خبرن بعد صحافي کي ڌمڪيون، اسلام آباد ۾ مظاهرو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو جي ٽرين مارچ دوران مبينه طور تي ڪرائي جا استقبالي ماڻهون آڻڻ جي خبرن بعد محرابپور جي سينئر صحافي کي پ پ اڳواڻن پاران مبينه موتمار ڌمڪيون. پوليس به سينئر صحافي عزيز ميمڻ کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پ پ وارن جي ڌمڪين ۽ پوليس جي رويي خلاف صحافين اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب آڏو مظاهروڪيو ۽ حڪومت کان تحفظ  جو مطالبو ڪيو آهي. محرابپور جي سينئرصحافي عزيز ميمڻ ان موقعي تي چيو ته بلاول جي استقبال لاءِ ڪرائي تي عورتون ۽ مرد آڻڻ بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپو۽ علائقي جي بااثر پ پ ايم اين اي، ابرار شاھ ۽ سندس حامي کيس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته کيس ايس ايس پي نوشھروفيروز، ڊي ايس پي محرابپور۽ ايس ايڇ او محرابپور به تنگ ڪري رهيا آهن ۽ هن کي خدشو آهي ته ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو. عزيز ميمڻ محرابپور جي ٻين صحافين اختر درٻيلائي، سرفراز ميمڻ، آڪاش ڪمار، پارس ملاح ۽ ٻين سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي عزيز ميمڻ چيو ته  با اثر ماڻهون صحافين کي ڌمڪيون ڏئي حق سچ جي آواز کي دٻائڻ چاھن ٿا. متاثره صحافين وزير اعظم عمران خان، پي پي چئيرمين بلاول ڀٽو، وزير اطلاعات فواد چوڌري ۽ اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي آهي ته  صحافي عزيز ميمڻ ۽ سندس خاندان جي ماڻھن کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو