بلاول جو ڪنڌ ڪوٽ ۾ شاندار استقبال، سندراڻي سان فاتحه

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪنڌڪوٽ آمد جيالن پاران ڀرپور استقبال، بلاول ڀٽو دڙي سندراڻي ۾ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي سان سندس ڀاء جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي، پ پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري جو ڪنڌڪوٽ ۾ تاج پيٽرول پمپ وٽ ضلع جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو جي اڳواڻي ۾ استقبالي ڪيمپ لڳائي وئي جتي پيپلز پارٽي جي مڌر ونگ ۽ تمام ذيلي ونگس جي اڳواڻن ورڪرن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پهچڻ تي جيالن پاران گلن جي ورکا ۽ وزير اعظم بلاول جا نعره پڻ هنيا ويا نعرن جي جواب ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي گاڏي مان نڪري ڪري هٿ لوڏي نعرن جو جواب ڏنو ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه به ورڪرن جي نعرن جو جواب ڏيندو رهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو