بلاول جو انجام به ماءُ جهڙو ٿيندو، طالبان اڳواڻ جي ڌمڪي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) طالبان ترجمان احسان الله احسان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. اسان ان جي مذمت ڪندي واضح ٿا ڪريون ته اسين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. اهڙو اظهار نفيسا شاهه جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن طالبان ترجمان کي فرار ڪرائڻ ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ وزير داخله بيگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه کي سهولتڪار قرار ڏنو آهي. احسان الله احسان جيڪو ڪجهه عرصو اڳ آءِ ايس آءِ جي سيف هائوس مان اوچتو فرار ٿي ويو هو، تنهن ٽوئٽر تي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي بقا خاطر هميشه اسلام پسندن قربانيون ڏنيون آهن.

screen grab

هن چيو ته بلاول جي ماءُ پيءُ ۽ ڏاڏي ڦر لٽ ڪئي ۽ غير مذهبن جا ساٿي هئا. احسان الله احسان بلاول کي ڌمڪي ۾ چيو ته ملڪ جي نظرياتي سرحدن خاطر تو جهڙن سان وڙهندا رهنداسين تنهنجو انجام به ماءُ جهڙو ٿيندو. فرحت الله بابر جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ ان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

احسان الله احسان جي ٽوئٽر هينڊل تان بعد ۾ اهو بيان هٽايو ويو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسمبلي ۾ اسامه بن لادن کي شهيد ڪوٺيو هو، جنهن تي بلاول چيو هو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ناهي پر هڪ دهشتگرد شهيد آهي. هن هڪ ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ۾ جبري گمشدگين جي مخالفت ڪندي عمران خان کي ڪرپٽ ترين حڪمران سڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو