بغلان تي ڪنٽرول بعد پنجشير وادي جو طالبان پاران گهيراءُ

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پنجشير وادي جو ٽن پاسن کان گهيراءُ جاري آهي ۽ معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته بغلان صوبي جي ضلع بنون، پُل حصار ۽ دي صلاح تي طالبان قبضو ڪري ورتو آهي. اسين سڀني کي گڏ کڻي هلڻ ٿا چاهيون. ان کان اڳ افغانستان جي نائب صدر امر الله صالح ٽوئي ٽ ۾ چيو هو ته پنجشير وادي ۾ طالبان گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي تي شمالي اتحاد پاران مزاحم ڪئي وئي ۽ 300 جي لڳ ڀڳ طالبان مارجي ويا آهن.

ذبيح الله مجاهد ان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته قاري فصيح الدين جيڪو تاجڪ آهي تنهن جي ڪمانڊ ۾ طالبان فورسز ٽن پاسن کان واديءَ جو گهيراءُ ڪيو آهي ۽ ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش هلي پئي. احمد مسعود چيو هو ته اسين طالبان کي منه ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. ٻئي پاسي جرمن فوج چيو آهي ته سومر تي صبح جو افغان فورسز جو هڪ جوان نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي جنهن بعد گزريل آچر کان ايئرپورٽ تي مارجي ويلن جو انگ 21 ٿي ويو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو