بشير ميمڻ جي انڪشافن بعد وزيراعظم استعيفيٰ ڏي، مريم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ جي انڪشافن بعد وزيراعظم خلاف ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. پريس ڪانفرسن دوران هن چيو ته ثابت ٿي ويو ته اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي جي انڪار بعد نيب نيازي ڳٺ جوڙ وجود ۾ آيو، بشير ميمڻ مٿان شريف خاندان سوڌو اپوزيشن اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو، مديني جي رياست هجي ها ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها، ليگي اڳواڻن خلاف غداري جو ڪيس به حڪمرانن جي اختيارين جو ناجائز استعمال آهي. مريم نواز عمران خان جي استيعفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته هاڻي سامان ٻڌو 4 مهينن بعد اوهان گهر هليا ويندا. هن چيو ته بشير ميمڻ جو انٽرويو سندن پارٽي جي ويب سائيٽ موجود آهي. مريم اورنگزيب چيو ته 10 عورتن، ٽن ريٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرلز ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سميت نواز ليگ جي قيادت تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڀارت ۾ شادمانا وڄاي پيا وڃن، وزيراعظم ٿو چوي ته مونکي خبر ئي ناهي، هن چيو ته ڪيس داخل ڪرائيندڙ هاڻي لاپته ٿي ويو آهي. ان کان اڳ بشير ميمڻ مطيع الله جان جي يو ٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته شريف خاندان خلاف هن وقت جيڪو ڪجهه نيب ڪري رهيو آهي، اُهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مون کي چيو ويو هو، اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو ته شهباز شريف، سندس ڪٽنب، ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ خواجه آصف خلاف به ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو، مون چيو ته هنن خلاف ثبوت ناهن ۽ هو دفاع جو وزير رهيو آهي غداري جو ڪيس ڪيئن ٺاهيان؟ مون انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهو ايف آءِ اي جي اختيارن ۾ نٿو اچي. بشير ميمڻ اهو به انڪشاف ڪيو ته خاتون اول  بشري بيبي جي هڪ تصويرسوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي وزيراعظم گهرائي چيو ته دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪريو، مون چيو ته اُن تي دهشتگردي جو ڪيس ٺهي ئي ڪو نه ٿو، انٽرويو دوران بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪ کي ڪرپشن مامري ۾ ڪلين چٽ ڏيڻ لاءِ به زور ڀريو ويو هو، مون وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن 87 ارب روپيا آهن ته مونکي جاچ کا روڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو