بشير ميمڻ جو بيان ۽ احتساب جو جنازو، عبدالحميد بروهي

شروع ڏينھن کان وٺي اڄ تائين ھن وفاقي حڪومت ادارن کي صرف استعمال ڪيو آھي انھن کان زور زبردستي جا فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي هاڻي جڏھن بشيرميمڻ ميدان تي آيو آھي ان کان اڳ نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج صاحب جا بيان پڻ منظر تي آيا ھيا جنھن بعد ان کي گھر ڀيڙو ڪيو ويو ھيو اڄ ساڳي قسم جا الزام وفاقي حڪومت ۽ عمران خان تي اڳوڻو وفاقي ڪامورو بشيرميمڻ پڻ ھڻي رھيو آھي بشيرميمڻ عمران خان تي الزام ھڻندي چيو آھي تـ جڏھن بشرا بي بي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ھلايون ويون ھيون تـ ان وقت عمران خان سخت ناراض ٿي پيو ھيو ۽ مون کي گھرائي حڪم ڪيائين تـ فورن شھباز شريف ۽ سندس زال ڌيء تي  ايف آء اي پاران  ڪيس داخل ڪري کين جلد کان جلد گرفتار ڪريان، خواجا آصف تي  بـ غداري جو  ڪيس داخل ڪرڻ جو چيائين مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف سميت سندن پوري سوشل ميڊيا جي ٽيم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاء حڪم جاري ڪيا ويا  ان بعد جڏھن ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪ خلاف ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏني تـ ان ڳالھ تي وزيراعظم صاحب سخت ناراض ٿيو ھيو منھنجي مٿان سخت دٻاءُ وڌو ويو نيب چيئرمين جي مقرري بعد مون مٿان دٻاء گھٽ ٿيو ۽ چيئرمين صاحب ڏانھن سڀ ڪجهه  منتقل ٿي ويو چيئرمين نيب منھنجي لاء محسن ثابت ٿيو ھن چيو تـ خدا جو شڪر آھي اسان ان قسم جي دٻاء ۾ نـ آياسين ۽ اڄ مان سرخرو آھيان ھن چيو تـ جڏھن مان انھن جي دٻاء ۾ نـ آيس تـ انھن مون کي جبري طور تي بدلي ڪرايو جنھن سبب مان استعيفا ڏني شريف خاندان تي ڪيس داخل نـ ڪرڻ خلاف عمران خان مون مٿان سخت ناراض ھيو ھي سڀ ڪجھ پاڪستاني عوام کي حيرت ۾ وجھڻ لاء ڪافي آھي ان کان اڳ ھڪ سنڌي آفيسر کي استعمال ڪري سنڌ جي سياستدانن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪي سندس کي آئينو ڏيکاريندا رھيا انھن کي ريفرنس داخل ڪرڻ بعد فورن گرفتار ڪرايو ويو انھن مان سيد خورشيد شاھ ھن وقت بـ بنا ڪنھن ڏوھ ۽ بغير ثبوت جي جيل ۾ قيد آھي نـ صرف خورشيدشاھ نه پر سندس گھرواري ۽ ٻارن کي بـ گھليو پيو وڃي خورشيد شاھ اھو اڳواڻ آھي جيڪو اڄ بـ جيل ۾ ھجڻ باوجود نيازي کي آئينو ڏيکاريندو پيو اچي سيدخورشيدشاھ جو ڏوھ صرف اھو آھي تـ پنھنجي قيادت ۽ پارٽي سان وفادار آھي ان کي صرف ان جي ڪري جيل ۾ واڙيو ويو آھي جو خورشيد شاھ جڏھن قومي اسيمبلي ۾ کين ننگو ڪندو ھيو تـ ان وقت کيس جواب ڏيڻ جي سگهه ڪنھن بـ عمراني ٽولي کي نـ ھئي ڪنھن بـ اڄ تائين سيد خورشيدشاھ آڏو کيس جواب ڏيڻ جي جرئت نـ ڪئي ان بعد ساڳي طريقي سان کيس گرفتار ڪيو ويو. جھڙا ڪوڙا ڪيس شھباز شريف مٿان ۽ سندس خاندان مٿان داخل ڪرڻ جا حڪم عمران صاحب ڏنا ھيا اھڙا ڪيس خورشيدشاھ مٿان بـ داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري کيس گرفتار ڪرايو ويو عدالتي حڪم باوجود کيس قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ صرف ان جي ڪري وٺي نٿا اچن ڇو تـ اگر خورشيدشاھ اسيمبلي ايندو تـ پوء ھن ڀٽي شھيد جي شير کي ڪير بـ سچ ڳالھائڻ کان روڪي نـ سگھندو انجي ڪري کيس اجلاس ۾ وٺي نٿا اچن. اڄ بشيرميمڻ جي اعتراف بعد نيب نيازي ڳٺ جوڙ واضع ٿي چڪو آھي نيازي نيب جي مٿان بندوق رکي نيب وارن جو ڪلھو استعمال ڪري پنھنجي سڀني سياسي مخالفن خلاف ڪيس داخل ڪرائي کين گرفتار ڪرائي رھيو پر جيئن تـ اپوزيشن جا شير ان جي انھن ڪيس کان ڊڄي پير پوئتي ڪرڻ وارن مان نـ آھن اڄ آصف علي زرداري نواز شريف نيب جي ڪورٽن جا چڪر ھڻي رھيا آھن ان کان علاوا ھن وقت اپوزيشن کي متحد ڪرڻ ۽ عمران حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جي اعلان بعد نيب پاران مولانا فضل الرحمان خلاف پڻ ريفرنس تيار ڪري کيس نيب آفيس طلب ڪيو ويو آھي نيب نيازي ڳٺ جوڙ جا جيڪي الزام اپوزيشن وارا ھڻدا رھيا ھيا انھن ۾ ھن وقت پاڪستاني عوام کي سچائي نظر اچي رھيو آھي ڇو تـ ان کان اڳ ھڪ جج جو وڊيو ليڪ ٿيو ھيو اڄ وري بشيرميمڻ جو بيان سامھون آھي اھو سڀ ڪجھ پاڪستان جي عوام جون اکيون کولڻ لاء ڪافي آھي ھاڻي نيازي ۽ سندس ڪرائي جا مشيروزير پاڪستاني عوام کي وڌيڪ ورغلائي پاڪستان جي عوامي ليڊرن خلاف ڀڙڪائي نٿا سگھن ھن وقت پاڪستاني عوام ھن نيازي حڪومت کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاء روڊن تي نڪرڻ جي لاء تيار آھي بس انھن کي ھڪ سٺو ۽ سچو ليڊر کپي جيڪو سندن رھنمائي ۽ قيادت ڪري پاڪستاني عوام اپوزيشن اتحاد سان گڏجي روڊن تي نڪرڻ لاء تيار آھي اپوزيشن اتحاد جي احتجاجي تحريڪ کان اڳ ئي ڪالهه پاڪستان جي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ اتان جا رھواسي ۽ سرڪاري ملازم وفاقي حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا مھنگائي ۽ پگھارن ۾ اضافي لاء سخت احتجاج ڪيو ويو ان احتجاج ۾ ھزارين شھرين شرڪت ڪري نيازي حڪومت خلاف بيزاري جو اعلان ڪيو آھي اپوزيشن اتحاد جي تحريڪ کان اڳ ئي پاڪستان جو عوام روڊن تي نڪري چڪو آھي ھاڻي اھي ڏينھن پري نـ آھن جو مھنگائي مان بيزار ٿيل پاڪستاني ھر شھر ۾ روڊن تي نڪرندا ۽ گو نيازي گو جا نعرا بلند ڪندا ھاڻي اپوزيشن اتحاد کي بـ دير نـ ڪرڻ گھرجي بنا دير پاڪستان جي عوام کي ھن نااھل حڪومت مان نجات ڏيارڻ لاء تحريڪ شروع ڪري کيس گھر ڀيڙو ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ نيب جي احتساب جو پول کلي چڪو آهي، اڳ ۾ سپريم ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به چئي چڪا ته نيب کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هاڻي بشير ميمڻ واري انٽرويو بعد انڌي کي به نظر ايندو ته هي احتساب نه پر انتقام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو