بشير خان کي زهر ڏئي ماريو ويو، 7سالن بعد به انصاف نه مليو: صنعان

رتوديرو (ن س) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته بابا بشيرخان کي زهر ڏئي ماريو ويو، اسان کي ڪٿان به انصاف نه مليو. اهڙو اظهار هن سنڌ جي جوڌي شهيد بشير خان قريشي جي ستين ورسي جي تقريب خطاب ڪندي ڪيو. ورسي جي مک تقريب جيڪا رتيديري ۾ ٿي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت اڳواڻن توڙي ڪارڪنن شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي سندس مغفرت لاءِ دعا گهري. سوين ڪارڪنن جي جلوس مزار تي حاضري ڀري ۽ مزار جي ڀرسان رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو پڻ خصوصي شرڪت ڪئي. ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته منھنجي بابا شھيد بشر خان قريشي کي زھر ڏئي شھيد ڪيو ويوهو 14 ڊاڪٽرن رپورٽ ڏني ته کيس زھر ڏئي ماريو ويو آهي. اسان جي مرضي جي ايف آءِ آر به داخل ناهي ڪئي وئي، ان کان پوءِ وري منھنجي چاچي مقصود قريشي کي ساڙي شهيد ڪيو ويو. صنعان قريشي چيو ته عدالتن مان انصاف نٿو ملي، ھاڻي اھو ڪيس مان عوامي عدالت ۾ رکان ٿو، اسان کي انصاف گھرجي. جسقم چيئرمين چيو ته زبردستي اسان جي ڪارڪنن جون وفاداريون مٽايون پيون وڃن، اسان پر امن جدوجھد ڪري رھيا آھيون، اسان عدم تشدد واري سياست ۾ يقين رکون ٿا، جيڪي تشدد واري رستي تي هلن ٿا، جسقم سان انهن جو ڪو واسطو ناھي. هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ اسان پنھنجي پرامن جدوجھد جاري رکنداسين. تقريب کي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو به خطاب ڪيو ۽ چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان گڏ ھونداسين، جڏھن به سڏ ڪيائين ته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو ھي رت اوھان سان گڏ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيهندو. راشد محمود سومري چيو ته بندوق جي زور تي پر امن جدوجھد کي روڪي نٿو سگھي، سنڌ جي وسيلن جي ڪمائي سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيسيتائين جيئرا آھيون، سنڌ جي حقن، دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندا رھنداسين. جسقم جي سينئر وائيس چيئرمين امجد علي مھيسر چيو ته سنڌ سڄي سون آھي پر سنڌ کي بک بدحالي طرف ڌڪيو ويو آھي، سنڌ جو ماڻھو غربت ۽ مفلسي ۾ گذاري رھيو آھي، غربت ۽ مفلسي سنڌ جو مقدر ناھي. نياذ ڪالاڻي ۽ ٻين به ان موقعي تي بشير خان کي خراج پيش ڪيو. ان موقعي تي رتوديرو باءِ پاس روڊ تي واقع شھيد بشير خان قريشي جي مزار طرف ويندڙ روڊن کي ڳاڙھن جھنڊن سان سينگاريو ويو هو ۽ بس اسٽينڊ تي استقبالي ڪئمپ پڻ لڳائي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو