بزنس وومن نه بڻجي سگهيس، اداڪارا ٿي ويس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ڪومل عزيز چيو آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ سرجري ڪرائڻ جا مشورا مليا. هڪ انٽرويو ۾ ڪومل عزيز ٻڌايو ته مون آمريڪا مان بزنيس ۽ ڪامرس ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ڪاروبار ڪرڻ چاهيو پئي پر منهنجي اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. هن چيو ته بزنس وومين ته نه ٿي سگهيس پر اداڪارا بڻجي شوبز جي دنيا ۾ اچي ويس. هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ سٺا ماڻهو به مليا ته غلط ماڻهو به منهنجي زندگي ۾ آيا مون ڪوشش ڪئي ته سٺن ماڻهن سان ئي گڏ رهان ڇاڪاڻ ته انهن کان سکڻ جو موقعو ملي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو