بروهي ۽ ملاڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

گڏاپ (رپورٽر)گڏاپ جي نئين ڪراچي واري علائقي جي خميسا ڳوٺ مان 5 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل سنڌ پرست , سياسي, سماجي اڳواڻ اصغر بروهي ۽ سردار ملاڻي جي گرفتاري خلاف اين ڊي پي, جسقم بشير خان ۽ سول سوسائٽي پاران نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر ممتاز بروهي, اصغر بروهي جي معصوم نياڻي ڪومل بروهي, جسقم جي اڳواڻن انور جمالي, عباس جتوئي, فدا رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خميسا ڳوٺ کان ريلي ڪڍي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي گڏاپ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته  5ڏينهن اڳ پرائيويٽ ويگو گاڏين ۽ پوليس موبائلن ۾ سوار سول ڊريس پهريل اهلڪارن پاران اصغر بروهي ۽ سردار ملاڻي جي گهرن تي چڙھائي ڪري گرفتار ڪرڻ بعد گهرن ڀاتين ۽ معصوم ٻارڙو سامهون سخت تشدد جو نشانو بڻائي اکين تي پٽيون ٻڌي گهليندا کنڀي کڻي وڃڻ لڳا ته گهرن معصوم ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا گهر ڀاتين ۽ معصوم ٻارڙن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ڏيکارڻ ۽ پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيڻ باوجو به ظالمن کي ڪو ترس نه آيو ۽ هنن معصوم ٻارڙن جن جي هٿن ۾ پاڪ ڪتاب هئا انهن تي به تشدد ڪري چپ رهڻ جو چئي ٻنهي ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي ان واقعي بعد ڪراچي جي سڀني ٿاڻن تي ڳولا ڪئي وئي پر ڪير به مڃڻ جي لاء تيار نه آھي ۽ نه وري هن وقت تائين ڪا گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آھي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر ممتاز بروهي, اصغر بروهي جي معصوم نياڻي ڪومل بروهي, جسقم اڳواڻن انور جمالي, عباس جتوئي, فدا رند, خميسو ڊونگ, سعيد چانڊيو, جان محمد جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي خميسا ڳوٺ کان پيادل ريلي ڪڍي گڏاپ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو, اصغر بروهي ۽ ان جي ساٿي سردار ملاڻو کي بيگناھ کنڀي گم ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اصغر بروهي سنڌ پرست, پر امن سياسي, سماجي اڳواڻ آھي جنهن لاڪ ڊائون دوران بي روزگار ۽ مسڪين ماڻھن جي مدد ڪئي ۽ گهر گهر پهچي انهن ۾ راشن ورهايو هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته ان جو ڏوھ ڪهڙو آھي اگر ان تي ڪو ڪيس وغيره آھي ته هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي هنن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ, چيف جسٽس هاء ڪورٽ ,گهرو وزير, ھوم سيڪريٽري سنڌ, وزيراعلي سنڌ, ڊي جي رينجرس, آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اصغر بروهي ۽ ان جي ساٿي سردار ملاڻي کي  ظاهر ڪيو وڃي اگر هنن جو ڪو ڏوهه آهي ته کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي  جي چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر کان مطالبو ڪيو ته سومر تي سارنگ جويو جي معاملي تي اوهان آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو آهي ته ان ۾ اسانجي کنڀيل ماڻهن بابت به کائنس پڇاڻو ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو