بروهي ڪاڪيپوٽا تڪرار تيز، هڪ ڄڻو قتل

ڳڙهي ياسين (شفيق مهر ) ڳڙھي ياسين ۾ قبائلي تڪرار تيز بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان جهيڙو فائرنگ هڪ ڄڻو قتل ڌريون مورچابند  ٿي ويون. ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ۾ بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين خان محمد بروهي ۽ ابراهيم ڪاڪيپوٽو ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان بروهي برادري جي 10 کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ٻاهران زمين تي ڪم ڪندڙ ڪاڪيپوٽا ڌر جي ماڻهون مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو خالد ڪاڪيپوٽو ٿڏي تي مارجي ويو اطلاع تي ڪاڪيپوٽا ڌر جا هٿياربند واقعي واري هنڌ پهچي ويا ٻنهي ڌرين ۾ اڌ ڪلاڪ تائين هلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو. جڏهن ته بروهي ڌر جا هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا پهچي مارجي ويل جو لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال اندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻنهي ڌرين ۾ 6 سال اڳ چوري جي مامري تان خوني تڪرار شروع ٿيو هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا هن وقت تائين 15  ماڻهون مارجي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو