برمودا ۾ غائب ٿيندڙ جهاز جو ملبو 100 سالن بعد هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برمودا ٽراءِ اينگل سان جڙيل خوفناڪ ۽ حيرت انگيز ڪهاڻين سبب اها جڳهه ڪيترن ئي سالن کان توجهه جو مرڪز بڻيل رهي آهي. ان علائقي ۾ ڪيترائي هوائي جهاز ۽ بحري جهاز انتهائي غير عمومي حالت ۾ غائب به ٿي چڪا آهن ان حادثن کان پوءِ ان جڳهه کي شيطان سان مشابهت رکندڙ جڳهه قرار ڏني وئي. چيو ٿو وڃي ته 1925 ۾ نومبر مهيني ۾ جنگ عظيم دوران ايس ايس ڪوٽوپيڪسي نالي آمريڪي بحري جهاز ان مقام تي غائب ٿيو جڏهن ته ان ۾ موجود 32 مسافرن جي حوالي سان به ڪا ڳالهه سامهون ناهي آئي. ان بحري جهاز جي تلاش ڪيترن ئي سالن تي ڪئي وئي پر سائنسدان ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيا پر هاڻي تقريبن 100 سالن کان پوءِ ماهرن جي ٽيم ان بحري جهاز جي ملبي کي ڳولي لڌو آهي. رپورٽ مطاق سمنڊي آثار قديمه جي ماهرن ۽ ٽوٻن جي هڪ گروپ بدقسمت سڏرائيندڙ ان بحري جهاز جي ملبي کي فلوريڊا جي شهر سينٽ آگسٽين جي سمنڊ کان دريافت ڪيو آهي. ان دريافت جا تفصيل شپريڪ سيڪرٽس نالي سائنس سيريز جي پهرين قسط ۾ به شيئر ڪيون وينديون جيڪو هلندڙ سال 9 فيبروري تي سامهون ايندي. سيريز کي تيار ڪندڙ سائنس چينل هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته سمنڊي ماهر حياتيات مشيل هارنيٽ برطانوي مصنف گائي والٽرز سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو ان پراسرار جهاز کي ڳولڻ ۾ ان جي مدد گهرجي. جنهن کان پوءِ گائي والٽرز ان بحري جهاز جا سڀئي دستاويز جمع ڪيا ۽ پوءِ هن کي اها خبر پئي ته ان بحري جهاز غائب ٿيڻ کان اڳ آخري سگنل ان وقت ڏنا جڏهن هو ڏکڻ ڪيرولائنا جي شهر چارلسٽن کان گذريو هو.

واضح رهي ته ان بحري جهاز جو ڪجهه ملبو 35 سال اڳ به ان مقام کان مليو هو. چينل مطابق اهي سڀئي تفصيلات ان جهاز جي ڪپتان وليم جي ميئرز جي پوٽي ڊوگلز ميئرز سان به شيئر ڪيون ويون جنهن کانپوءِ ان به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اهو ملبو ان جي ڏاڏي جي جهاز جو ئي آهي. خيال رهي ته 2017 ۾ نيوز ڊاٽ ڪام نالي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي هئي ته برمودا ٽراءِ اينگل سبب 100 سالن ۾ هن مهل تائين هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. 2018 ۾ برطانيا جي هڪ سائنسدان اهو خدشو به ظاهر ڪيو هو ته هڪ خوفناڪ قدرتي لهر به برمودا ٽراءِ اينگل کي پراسرار بڻائڻ جي وجهه ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته فلوريڊا، برمودا ۽ پيورٽو ريڪو جي سمنڊي خطي جي ٽڪنڊي کي برمودا ٽراءِ اينگل جو نالو ڏنو ويو آهي. سالن کان سائنسدان ۽ ٻيا حلقا هر طرح جي نظريا پيش ڪندا رهيا آهن ته جيئن هو ان پراسرار گمشدگين جي وضاحت ڪري سگهجي. سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته پيورٽو ريڪو، فلوريڊا ۽ برمودا وچ ۾ واقع ان سمنڊي تڪون جو راز اتان جي 100 فوٽ بلند تيز لهرن ۾ لڪل آهي. ماضي ۾ آمريڪي سائنسدانن اهو خيال به ظاهر ڪيو هو ته ان خطي مٿان ڦهليل 6 پهلو بادل ممڪن طور تي بحري جهازن ۽ هوائي جهاز جي گمشدگي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو