برطانيه مان آيل هڪ ئي گهر جا 7 ڀاتي وائرس ۾ مبتلا

ملير( درياخان شر) قائدآباد جي گلستان سوسائٽي ۾ هڪ ئي گهر جا ست ڀاتي ڪرونا ۾ مبتلا  نڪتا. تازو برطانيا مان شادي لاءِ آيل نوجوان سميت خاندان جي ستن ڀاتين کي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو، گلستان سوسائٽي جي رهائشي نويد جي گهر ۾ ھلندڙ مهيني جي 20 تاريخ تي شادي رٿيل هئي جنهن سلسلي ۾ گهر ڀاتي ڪجهه ڏينهن اڳ برطانيا کان شادي لاء آيا هئا، ھڪ عورت کي ڪجهه ڏينهن کان کنگهه، بخار ۽ جسم ۾ سور جي شڪايت هئي، جنهن لوڪل ڊاڪٽر کان ڏھن ڏينهن تائين علاج ڪرايو، طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ تي عورت جي آغا خان اسپتال مان ڪورونا جي شڪ ۾ ٽيسٽ ڪرائي وئي، جيڪا پازيٽو آئي جنهن بعد کيس آغا خان قرنطينا ۾ داخل ڪيو ويو سندس رپورٽ اچڻ بعد سندس سڀني گهر ڀاتين کي صحت کاتي جي ٽيمن پهچي قرنطينا سينٽر منتقل ڪري ٽيسٽون ورتيون جيڪي پڻ سڄي خاندان جون پازيٽو آيون، ستن گهر ڀاتين بعد ملير ضلعي ۾ ڪرونا جو شڪار مريضن جو انگ 15 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو