برطانوي چونڊن ۾ 15 پاڪستاني اميدوار ڪامياب

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ عام چونڊن جي پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ ۽ ووٽن جي ڳڻپ پوري ٿيڻ کان پوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. چونڊن ۾ برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي ڪنزرويٽو پارٽي ۽ اپوزيشن ليڊر جيريمي ڪورين جي ليبر پارٽي وچ ۾ سخت مقابلو رهيو. ايگزٽ پول مطابق ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ هن مهل تائين 650 مان 267 سيٽن جا ابتدائي نتيجا اچي چڪا آهن جنهن مطابق ڪنزرويٽو کي 132، ليبر پارٽي کي 101 ۽ اسڪاٽش نيشنل پارٽي کي 18 سيٽن جي برتري حاصل آهي. ايگزٽ پول مطابق ڪنزرويٽو پارٽي کي 368 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي جيڪا تقريبن 50 اضافي سيٽون کٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي جڏهن ته ان جي مد مقابل ليبر پارٽي 191 سيٽون حاصل ڪري سگهندي. پول جي نتيجن مطابق بريگزٽ پارٽي هڪ به سيٽ حاصل ناهي ڪري سگهي جڏهن ته اسڪاٽش نيشنل پارٽي کي 55 ۽ لبرل ڊيموڪريٽس کي 13 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. برطانيا جي عام چونڊن ۾ 15 پاڪستاني ڄاون اميدوارن به ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ليبر پارٽي جي پاڪستاني نزاد ناز شاهه بريڊ فورڊ کان ڪامياب ٿيو، خالد محمود برمنگهم، ياسمين قريشي سائوٿ بولٽن، افضل خان مانچسٽر جي علائقي گورٽن، طاهر علي برمنگهم جي هال گرين، محمد ياسين بريڊ فورڊ شائر، عمران حسين بريڊ فورڊ ايسٽ، زارا سلطانه ڪوونٽري سائوٿ ۽ شبانه محمود برمنگهم ليڊي ووڊ کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿيا آهن. ڪنزرويٽو پارٽي طرففان پاڪستاني نصرت غني وئيلڊن، عمران احمد بيڊ فورڊ شائر، ساجد جاويد برومس گرو، رحمان چشتي گلنگهم ۽ ثاقب ڀٽي ميريڊن کان ڪامياب ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو