برطانوي حسينه تي داعش ويڙهاڪ سان شادي ڪرڻ جا الزام

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي شهر لورپول کان گهٽ عمر واري ڇوڪرين جو حُسن مقابلو کٽيندڙ اڳوڻي مس ٽين تي عدالت شدت پسند تنظيم داعش جي ويڙهاڪ سان شادي ڪرڻ ۽ تنظيم جي مالي مدد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. اماني نور کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ان تي تشدد پسند تنظيم جي مالي مدد ڪرڻ سميت ان جي هڪ ڪارڪن سان شادي ڪرڻ ۽ تنظيم ۾ شموليت ڪرڻ جي ڪوششن جا الزام لڳايا آهن. برطانوي اخبار ڊي انڊپينڊنٽ اماني نور کي ڪجهه ڏينهن اڳ داعش جي هڪ ويڙهاڪ سان شادي ڪرڻ ۽ تنظيم کي فنڊ فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. اماني نور تي الزام آهي ته هن پنهنجي 20هين سالگره جي ڏينهن تي داعش جي هڪ ويڙهاڪ سان آن لائن شادي ڪئي آهي. برطانوي اخبار مطابق داعش جي ويڙهاڪ حڪيم مائي لو نالي شخص سان اماني نور ميسيجنگ ايپلي ڪيشن ٽيلي گرام تي شادي ڪئي هئي. رپورٽ مطابق برطانوي ڄائي ۽ داعش ويڙهاڪ ۾ رابطو به انٽرنيٽ تي ٿيو ٻنهي ڪڏهن به ملاقات نه ڪئي هئي پر انٽرنيٽ تي ٿيندڙ تعلقات شادي ۾ تبديل ٿي ويا. 21 سالن جي اماني نور داعش کي 35 پائونڊ يعني پاڪستاني 7 هزار رپين کان وڌيڪ مالي مدد جو الزام به آهي جنهن کان هن انڪار ڪندي چيو آهي ته هن داعش جي مالي مدد ناهي ڪئي پر هن جنگ جي گهرو ويڙهه جي شڪار ملڪ شام ۾ ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ کاڌ خوراڪ لاءِ پيسا ڏنا هئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته برطانوي ڄائي اها رقم آن لائن پيمنٽ ايپلي ڪيشن پي پل ذريعي هڪ برطانوي ڄائي عورت کي موڪلي ۽ ان عورت سان به اماني نور جي ڪڏهن به سڌي ريت ملاقات ناهي ٿي. اماني نور عدالت کي ٻڌايو ته ان جو داعش ۾ شموليت جو ڪو به ارادو نه هيو پر هو پنهنجي مڙس وٽ وڃڻ چاهي پئي. اماني نور عدالت کي اهو به ٻڌايو ته هن پنهنجي اڳوڻي بواءِ فريڊ لور پول فٽ بال ڪلب جي رانديگر طرفان دوکي بعد مذهڻ کي سڃاڻڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان ڪري هن داعش جي ڪارڪن سان آن لائن شادي ڪئي. عدالت ٻڌڻي بعد اماني نور کي ضمانت تي آزاد ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته حسينه کي ايندڙ هفتي سزا ٻڌائڻ جا امڪان آهن. ياد رهي ته اماني نور 18 سالن جي عمر ۾ ٽين لور پول منتخب ٿي هئي ۽ ان جا تعلقات فٽ بالر شي اوگو سان به رهيا آهن. اماني نور جا فٽ بالر سان تعلقات مس ٽين چونڊجڻ کان اڳ جا هيا ۽ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ تعلقات خراب ٿيڻ شروع ٿيا جنهن کان پوءِ هن 20 سالن جي عمر ۾ داعش ويڙهاڪ سان آن لائن شادي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو