برسات متاثرن جي مدد لاءِ 30 لک ڊالر گڏ ڪريون پيا، مائيڪل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊونرز کان 30 لک ڊالر جا فنڊز گڏ ڪرڻ جو بندوبست ڪري رهيا آهيون ته جيئن سنڌ جي برسات متاثرن جي مالي مدد شروع ڪئي وڃي، سنڌ ۾ برسات سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، گڏيل قومن جي نمائندي مائيڪل سعد جون وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران ڳالهيون، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته برسات متاثر هاڻي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن، تڪڙن بُنيادن تي سندن مالي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن متاثر پنهنجا گهر ٻيهر ٺاهي سگهن، ملاقات ۾ گڏيل قومن جو ڪوآرڊينيٽر عمران لغاري، سينيئر ميمبر آف بورڊ، ڊي جي پي ڊي ايم اي ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو