برسات سٽيلن لاءِ 4 ارب رپيا منظور، واپارين جا ٽيڪس معاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا صوبي ۾ گذريل برسات وگهي متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ 4.021 ارب 2 ڪروڙ 10 لک رپين جي معاوضي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ وفاقي حڪومت کان صوبائي حڪومت جي برابر گرانٽ / معاوضو ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي سٺي نموني بحالي ۽ مدد ڪري سگهجي. ڪابينا ننڍن واپارين ۽ هارين کي وفاقي ۽ صوبائي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني ته جيئن انهن جي 2020 ۾ ٿيندڙ تيز برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جو ازالو ٿي سگهي. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪابينا جي هدايت تي بورڊ آف روينيو چوماسي مند 2020 سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو سروي ڪيو هو. سروي ۾ ڄاڻايو ويو ته 149 ماڻهو فوت، 103 زخمي، 7120 پڪن ۽ 75195 ڪچن گهرن کي مڪمل ريت نقصان پهتو، 9102 پڪا ۽ 171463 ڪچن گهرن کي معمولي نقصان پهتو، 8165 چوپايو مال جنهن ۾ ڳئون، مينهن، گھوڙا ۽ اٺ آهن جڏهن ته 11630 ٻڪريون، رڍون ۽ گڏهه مري ويا هئا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته قانون تحت قدرتي آفتن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو معاوضو ڪفالت ڪندڙن لاءِ هڪ لک  رپيا ۽ غير ڪفالت لاءِ 50 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ڪابينا چيو ته اهو پئسو ٿورو آهي ۽ اسين وفاق کي چئون ٿا هو به ايتري رقم فراهم ڪري. ڪابينا زخمين لاءِ 25000 رپيا، معمولي ۽ مڪمل ريت تباهه ٿيل گهرن لاءِ 25000 رپيا ، معمولي نقصان ٿيندڙ لاءِ 10000 رپيا، وڏي چوپائي مال (ڳئون / مينهن / گهوڙي) لاءِ 10000 رپيا، ننڍي چوپائي مال جنهن ۾ ٻڪريون، رڍون ۽ گڏهه شامل آهن لاءِ 5000 رپيا منظور ڪيا ويا آهن. متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي معاوضي جي ٽوٽل رقم 4 ارب 2 ڪروڙ ۽ 10 لک رپيا هوندي جيڪا ڪابينا جي خيال ۾ غريب عوام جي بحالي لاءِ ٿوري آهي. ڪابينا ننڍن واپارين ۽ هارين کي امداد جي فراهمي جي پڻ منظوري ڏني جنهن کي تيز برساتن سبب نقصان پهتو. صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت کان گُهر ڪندي برسات سبب متاثر ٿيندڙ ننڍن واپارين کي ٽيڪس ۾ رعايت ڏيڻ جي درخواست ڪندي.ڪابينا پاڪ-اومان انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي درخواست تي پنهنجي حصي جي منتقلي تي 55 ڪروڙ 30 لک رپين جي اسٽمپ ڊيوٽي کان ڇوٽ جي منظوري پڻ ڏني. ڪابينا جو موقف آهي ته پاڪ – اومان انويسٽمينٽ ڪمپني ۾ معاهدو وفاقي ۽ اومان حڪومتن وچ ۾ ٿيو آهي جڏهن ته معاهدي جي شقن تان ڇوٽ ۾ صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو. اومان حڪومت سان وفاقي حڪومت جي معاهدي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ صوبائي ڪابينا پنهنجي حصي جي منتقلي تي ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي پر گڏوگڏ وفاقي حڪومت کان سنڌ حڪومت کي اها رقم صوبي کي ڏيڻ جي درخواست به ڪئي آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي يعني ڪي سي آر بابت ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪي سي آر جي 24 ڪراسنگ سائيٽن مان آساني سان ٽريفڪ جي وهڪري لاءِ 11 رستن کي يا ته انڊر پاس يا فلائي اوور جي صورت ۾ تعمير ڪرڻو پوندو. ڄاڻايل اسٽرڪچر لاءِ پي سي ون جو تفصيلي ڊزائين ۽ تياري ايف ڊبليو او کي ڪرڻي آهي جنهن لاءِ 25 ملين رپيا سنڌ حڪومت کي جاري ڪرڻا آهن، سنڌ حڪومت اڳواٽ ئي 15 ملين رپيا جاري ڪري چڪي آهي ۽ ڪابينا باقي رهيل 10 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا چيو ته پراڻي ڪي سي آر جي شروعات سان جديد ڪي سي آر جنهن جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ان کي سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي ان جي شروعات نه ٿي سگهندي تنهن ڪري اها تجويز ڏني وئي ته موجوده ڪي سي آر کي روڪيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت کي چائنا جي عملدارن سان ان منصوبي کي شروع ڪرڻ لاءِ مالي طريقي ڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڀريندي موجوده جديد (ڪي سي آر) تي ڪم شروع ڪجي نه ته ٻي صورت ۾ پراڻي ڪي سي آر ۾ سفر ڪرڻ ڪراچي جي عوام سان ناانصافي ٿيندي. سيف سٽي پروجيڪٽ بابت گهرو کاتي ڪابينا کي ڄاڻ ڏني ته سيف سٽي منصوبي تحت 10 هزار سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳائڻ جو ٽيڪنيڪل عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي انهن کي لڳائڻ جو ڪم باقي آهي. ڪابينا مڪمل غور ويچار کانپوءِ گهرو کاتي کي شهر ۾ 10 هزار ڪئميرا لڳائڻ لاءِ اين آر ٽي سي سان معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏني. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته پروجيڪٽ جي انسپيڪشن رپورٽ، ٽيڪنيڪل تشخيصي رپورٽ، بڊنگ ڪاغذات، پي سي 1 سروي رپورٽ ۽ ڪنٽرول روم سروي کي پڻ اين آر ٽي سي سان شيئر ڪيو ويو آهي ته جيئن MOU تي صحيحون ڪرڻ کان اڳ ضروري ڪاغذن ۽ رپورٽن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. ڪابينا گهرو کاتي جي تجويز تي روينيو عملدارن کي خاص ميجسٽريٽ جا اختيار ڏئي ڇڏيا. اختيارن ۾ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ، موٽر وهيڪل آرڊيننس، احترام رمضان آرڊيننس 1981، اگهن تي ضابطو آڻڻ، منافع خوري جي روڪٿام، لاؤڊ اسپيڪر ڪنٽرول ڪرڻ، جوا بازي، جانورن کي ذبح ڪرڻ جو ڪنٽرول ايڪٽ، تماڪ ڇڪڻ جي منع ۽ پوليٿن بيگ جو استعمال ڪرڻ شامل آهن. ڪابينا گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي سهولت لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري. ڪابينا جسٽس (ر) شاهنواز طارق کي ٻن سالن لاءِ بطور صوبائي محتسب اعليٰ مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڪاليج جا استاد ٽائيم اسڪيل جي بنياد تي ترقين جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ڪابينا تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته استادن جي سينارٽي کي نظر ۾ رکندي درخواستن جو جائزو وٺي ۽ مجموعي مالياتي اثرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملن بابت ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪري. ڪابينا تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته استادن جي سينيارٽي، مجموعي مالي اثرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملن کي نظر ۾ رکندي درخواستن جو جائزو وٺي ۽ رپورٽ کي ڪابينا ۾ پيش ڪري.توانائي کاتي ڪابينا کي درخواست پيش ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت اڳواٽ ئي ٿر ڪول فيلڊ ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جي ترقي ۽ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ تي پنهنجا ٽيڪس معاف ڪري چڪي آهي. سنڌ حڪومت پڻ ساڳي ريت ڇوٽ ڏني هئي جيڪا جون 2020 ۾ ختم ٿي وئي هئي. ڪابينا ٿر ۾ توانائي واري شعبي ۾ ترقياتي رٿائن کي نظر۾ رکندي جون 2025ع تائين سنڌ سيلز ٽيڪس ۾ وڌيڪ 5 سالن جي رعايت ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آءِ جي پوليس ميسرز واهه انڊسٽريز کان 700 پستول نائين ايم ايم (8-6) خريد ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي جنهن لاءِ سيپرا رولز جي عمل کان ڇوٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ڪابينا 630 ملين رپيا جي جاري ڪرڻ ۽ ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪي ايم سي وٽ 66 سي اين جي بسون آهن پر تقريباً سڀئي استعمال هيٺ نه آهن. بلديات کاتي ڪابينا کي درخواست ڪئي ته آپريشن لاءِ نيلامي جي حقن جي ضابطن ۾ نرمي ڪندي، ڄاڻايل 66 سي اين جي بسن جو مڪمل انتظام ۽ انهن جي ڀاڙن جي وصولي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهي بسون گلشن حديد کان ڪيماڙي ويندي شاهراهه فيصل تائين ۽ شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سروس لاءِ ٻين رستن تي هلنديون. ڪابينا قاعدن ۾ نرمي ۽ بلديات کاتي کي پنجن سالن لاءِ نيلامي جي آپريشن جي حقن جي اجازت ڏئي ڇڏي. سنڌ جي ٻيلي کاتي پاران ڪابينا کي ڄاڻ ڏني وئي ته قطر جي حڪمران خاندان کي تعلقو جاتي ضلع سجاول ۾ فالڪنري سيزن 21-2020 لاءِ اڻپوکيل ايراضي جي الاٽمينٽ لاءِ نيلامي جي قاعدن جي خاطري ڪرائيندي درخواست ڏني آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لازمي هنٽنگ فيس 100000 ڊالر آهي جنهن ۾ 5000 ڊالر جو واڌ ڪيو ويو آهي. ڪابينا هن جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي (ايس ڪي اي اي) سال 21-2020 لاءِ 369 ملين روپين جو بجيٽ پيش ڪيو جنهن جي ڪابينا منظوري ڏني ۽ اختيارين کي هدايت ڪئي ته ملازمن جون پگهارو جلد جاري ڪيون وڃن. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جو ايندڙ اجلاس 24 ڊسمبر تي گهرايو وڃي جنهن ۾ مختلف ڪميٽيون پنهنجيون تجويزون پيش ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو