برسات سبب موري ٽٽڻ سبب ڳوٺاڻا پريشان، آبادگارن جو احتجاج

شيخ ڀرڪيو(ن سنڌيار)ٽنڊوالهيار شيخ ڀرڪيو روڊ لڳ واقع کوکر شاخ جي موري برسات دوران ڪري پئي موري ٽٽڻ سبب کوکر شاخ ۾ وهندڙ پاڻي بند ٿيڻ سبب پوڇڙ جي آبادگارن عبدالرزاق ٿهيم انور ٿهيم درمحمد ٿهيم ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته برسات دوران کوکر شاخ جي موري ٽٽي پئي جنهنڪري هتان سفر ڪندڙ ماڻهو پڻ مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا ٽٽل موري تان گاڏيون گذرڻ سبب ڪنهن به جاني نقصان ٿي سگهي ٿو  موري ٽٽل هئڻ سبب شاخ جو پاڻي بند ٿي ويو آهي جيڪو پوڇڙ تائين نٿو پهچي جنهنڪري اسان جا پوکيل فصل سڪي رهيا آهن هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته کوکر شاخ جي ٽٽل موري جي مرمت ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو