برسات سبب رڳو ڪراچي ۾ 30 ماڻهو فوت ٿي چڪا، حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مون سون جي هلندڙ سيزن ۾ 30 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب 6 جولاءِ کان شروع ٿيل چوماسي جي برسات جي مختلف مرحلن دوران 25 آگسٽ تائين بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ، ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ ۽ نالن ۾ ٻڏي وڃڻ سبب 30 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي آهي. رپورٽ موجب 14 ماڻهو ڪرنٽ لڳڻ، 10 ڇتيون ۽ ڀتون ڪرڻ سبب فوت ٿيا ۽ 3 ٻڏي فوت ٿيا. جڏهن ته 3 ماڻهو ٻين سبب ڪري فوت ٿيا. مري ويلن ۾ هڪ عورت، 5 ٻار ۽ 24 مرد شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو