برسات جاري، اڌ سنڌ ۾ بجلي بند، ڪراچي ۾ ماءُ 3 ٻارن سوڌو فوت

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري ، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺانهينءَ وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو. ڪراچي سميت حيدرآباد، هوسڙي، سيري، ٽنڊو ڄام، ڪنڊيارو، مٺياڻي، راڻيپور، وڳڻ، پکو، بهرام، ميروخان، قادرپور، سرحد، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ بخشاپور ۾ وسڪارو پيو. حيدرآباد ۾ برسات بعد 500 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿي ويا، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ۾ بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي.ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ سان  برسات وسي رهي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾منجهند جو ٿنڊر سيلز ٺهڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن ڪراچي جي قصبه ايم پي آر ڪالوني ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ 3 ٻار دٻجي فوت ٿي ويا. ايس ايس پي ويسٽ سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته واقعو برساتي پاڻي جمع ٿيڻ جي ڪري حادثي طور تي قصبه ڪالوني جي آبادي ايم پي آر ڪالوني جي گهٽي نمبر 15 ۾ پيش آيو. ايس ايس پي سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته گذريل رات پيل برسات جو پاڻي آبادي ۾ جمع ٿي ويو ۽ مبينا طور تي پاڻي هن گهر ۾ داخل ٿي ويو جنهن تي گهر جو مالڪ رسول سعيد ۽ ٻيا ٻاهر نڪري ويا پر عورت ۽ هن جا ٻار ڪمري ۾ سمهيل رهيا جنهن دوران واقعو پيش آيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس، رينجرز ۽ ريسڪيو عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ، فوتين جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا، فوتين ۾ مسمات خاوا زال رسول  سعيد، 10ورهين جو نصيب، 4ورهين  جو بشير ۽ 7ورهين جي مينا شامل آھن. ٻئي پاسي گذريل رات پيل برسات جا موسميات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 58ملي ميٽر رڪارڊڪئي وئي آھي. موسميات کاتي جو چوڻ آھي ته اورنگي ٽائون ۾ 37، ناظم آباد ۾ 32. مسرور بيس17 ۽ ڪياماڙي ۾ 15ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات جو سلسلو 11سيپٽمبر تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو