برسات بعد گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ داخل،عوام بي حال

مورو(مورائي اياز سولنگي) مورو ۾ برسات پوڻ کان پوء برسات جو پاڻي نالن ۽ گٽرن جو پاڻي گڏجي وڃڻ ڪري سڄو شھر محلا گھٽيون ڪالونيون روڊ رستا تعليمي ادارا, درگاهون, عبادتگاهون پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويون آھن جنھن ڪري اچ وڃ جا رستا مڪمل بند ٿي ويا آھن ماڻھو گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪوبه بهتر ۽ صحيح طريقي سان جوڳو قدم نه کنيو پيو وڃي جنھن ڪري سڄي شھر جي صوتحال ڳمڀير ٿي وئي آھي شھر جي ملڪ ڪالوني جيڪا وڏي ۾ وڏي آبادي واري ڪالوني آھي جتي هر وقت گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي ويتر برسات پوڻ ڪري ملڪ ڪالوني جي صورتحال تمام گهڻي بدترين ٿي وئي آهي پاڻي گهرن ۾ مسجدن ۽ اسڪولن ۾ اچڻ ڪري رهواسين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو ملڪ ڪالوني جا رهواسي لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آھن پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ صفائي جو ڪوبه بندوست ميونسپل انتظاميا طرفان نه ڪيو ويو آھي شھر جي سگا اڳواڻ شاعر ۽ اديب وزير فرهاد سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ لاپرواهي جي ڪري مورو شھر جا سڀئي علائقا ۽ ملڪ ڪالوني ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٿي وئي آھي شھري گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن سخت مشڪلات ۾ آھن مگر پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ صفائي ڪرڻ جهڙي ڪابه صورتحال نظر نه ٿي اچي هن وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي ٽيمون گهرائي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي شھرين جي مشڪلات ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو