برسات بعد چوپائي مال ۾ بيمارين خلاف مهم شروع

ٺٽو ( رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ )لائيواسٽاڪ اينيمل ھسبنڊري حيدرآباد جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام رسول جتوئي چيو آھي ته تازو شروع ٿيل برساتن بعد چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيماريون ڦھلجڻ جو انديشو آھي، جنھن کي اڳواٽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي ۽ سجاول پاران ٻنھي ضلعن ۾ سمورن ملازمن جو موڪلون رد ڪري مختلف علائقن ۾ چوپائي مال کي ويڪسين سميت علاج ڪرڻ لاءِ ڪئمپون قائم ڪري گشتي ٽيمون جوڙي ورتيون آھن، جيڪي پنھنجي ڪم ۾ مصروف عمل آھن. ھن اھي ڳالھيون ٺٽي جي مختلف ڪئمپن جو دورو ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ڊاڪٽر غلام رسول جتوئي وڌيڪ چيو ته ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ ھڪ اندازي موجب 40 لک کان وڌيڪ جانور موجود آھن، جن جو علاج ۽ ويڪسين وارو عمل جاري آھي. ھن وقت تائين 97 ھزار 333 ننڍن، وڏن جانورن کي ويڪسين ڪرڻ سميت 23 ھزار کان مٿي جانورن جو علاج ڪيو ويو آھي، جيڪو عمل جاري آھي. ھن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي مختلف علائقن ٺٽي ضلعي جي جھرڪ پل، مري اسٽاپ، ڪينجھر، ڪاري موري جنگشاھي، واٽر فلٽر گھارو، ڳوٺ محمد الرحيم ڍارو ميرپورساڪرو، ضلعي سجاول جي دمدمو، قادر ڏنو شاھ ۽ دڙو ۾ ڪئمپون قائم ڪري عملو مقرر ڪرڻ سميت موبائيل گشتي ٽيمون پڻ جوڙي چوپائي مال کي ويڪسين توڙي علاج ڪرڻ ۾ مصروف آھن. جڏھن ته جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي مڪلي واري آفيس ۾ ايمرجنسي رليف ڪئمپ سميت ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر غلام رسول جتوئي چيو ته اسانجا آفيسر ۽ عملو بھتر ڪم ڪري رھيو آھي، جيڪو جس لھڻي ٿو. ھن مولوند ماڻھن کي صلاح ڏني تہ ھو اسانجي ٽيمن سان لهه وچڙ ۾ اچي پنھنجي چوپائي مال کي ويڪسين ڪرائي کين مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچائين. ان موقعي تي ساڻس گڏ ڊاڪٽر منير احمد جعفراڻي، ڊاڪٽر غلام حيدر جمالي سميت ٻيا کاتي جا عملدار گڏ ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو