برساتي پاڻي جا تلاءُ ڪرپشن جو ثبوت آهن، جتوئي

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ناردرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي چيو آهي ته ميونسپل پبلڪ هيلٿ  ۽ ضلعي انتظاميا پاران برسات کان اڳ جوڳا اپاءُ نه وٺڻ سبب پراڻي سکر ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿيو آهي. سکر جي چونڊيل نمائندن جي ڪرپشن سبب شهر گندي پاڻي جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. شهر ۾ برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪروڙين روپين جا ڪوڙا بل ٺاهي هڙپ ڪيا ويندا.  70 ڪروڙ منصوبي تي لڳائڻ باوجود 5 سالن ۾ اهو منصوبو مڪمل ناهي ٿي سگهيو, هن اهڙيون ڳالهيون سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. مبين جتوئي چيو ته وسپور، ٽانگه اسٽينڊ، رائل روڊ، مينارا روڊ، بچل شاهه مياڻي، نئون پنڊ، اسلام ڪالوني، گوليمار، گرم گودي سميت اڪثر علائقن ۾ 3 کان 4 فوٽن تائين برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي ڪرپشن سبب سکر شهر گندي پاڻي جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. سنڌ جي ٽين وڏي شهر سکر ۾ هر سال برسات جو پاڻي جمع ٿي رهيو آهي. عوام حڪمرانن جي ڪرپشن کان بيزار ٿي چڪو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو