برادرين کي جهيڙن لاءِ ڪهڙن سردارن جي حمايت آهي،ڳجهي رپورٽ

شڪارپور (ن سنڌيار) اڳوڻي ايس ايس پي ڊاڪٽرن رضوان کانپوء ايس ايس پي ڪامران نواز جي به ڳجھي رپورٽ پڌري ٿي آهي، جنهن ۾ قانون سازن سميت ڪيترن ئي شخصيتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي مبينا طور قبيلائي تڪرارن جي حمايت ڪري رهيا هئا. پوليس رپورٽ ۾ پ پ پ ۽ جي ڊي اي جا ماڻهو شامل، رپورٽ ۾ اھو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪنڌ ڪوٽ-ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن ۾ تيغاڻي -بجاراڻي خوني تڪرار 2012 ۾ مينهن جي چوري تان شروع ٿيو. تيغاڻين کي ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي حمايت حاصل آهي جڏهن ته بجاراڻين جي حمايت ايم پي اي مير شبير خان بجاراڻي ڪري رهيو آهي. شڪارپور ۾ قمبراڻي – مارفاڻي قبائلي تڪرار زميني جھيڙي تان ھڪ قتل ٿيڻ تي 2006 ۾ شروع ٿيو ھيو. قمبراڻي، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني جي حمايت حاصل ڪري رهيا آهن ، جڏهن ته مارفاڻيين جي حمايت ايم اين اي مير عابد خان ڀيو ۽ سندس ڀاءُ بابل خان ڀيو، جيڪي مارفاڻي برادري جا سردار پڻ آهن، اھي ڪري رهيا آهن. ايس ايس پي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته شڪارپور ضلعي ۾ اوڍو – خروس خوني ويڙهه 2010 واري زمين جي تڪرار تي شروع ٿي، اوڍا آغا سراج خان دراني جي جي حمايت ھيٺ اچن ٿا، جڏهن ته خروسن کي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي ايم پي اي مير عابد جتوئي جي حمايت حاصل آهي. جيڪب آباد ۾ اوڍا-جکراڻي خوني تڪرار 2018 ۾ ھڪ ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي ڪرڪيٽ راند کيڏڻ تان شروع ٿيو. پوليس رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ته اوڍن کي جيڪب آباد جي اڳوڻي ضلعي ڪائونسلر سردار محمد پناهہ اوڍو جي حمايت حاصل آهي ، جڏهن ته جکراڻين کي ايم اين اي مير اعجاز خان جکراڻي جي حمايت حاصل آهي، جيڪو جکراڻي برادري جو سردار پڻ آهي. ٻئي اوڍا ۽ جکراڻي پيپلز پارٽي سان تعلق رکن ٿا. رپورٽ موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ شر-سيلرا خوني تڪرار 2007 ۾ ڪچي جي زمين تي قبضي جي حوالي سان شروع ٿيو. پوليس الزام لڳايو ته شرن کي ايم اين اي خالد خان لنڊ جي حمايت حاصل آهي ، جڏهن ته سيلرن کي ايم اين اي علي گوهر خان مهر جي حمايت آهي.ضلعي گهوٽڪي ۾ پتافي ـ گڏاڻي خوني تڪرار زمين جي ٽڪري جي وڪرو تان شروع ٿيو. پتافين جي حمايت ايم پي اي عبدالباري پتافي ڪري رهيو آهي جڏهن ته گڏاڻين کي اڳوڻي ايم اين اي علي گوهر خان مهر جي حمايت حاصل آهي. خيرپور ضلعي ۾ ڪناسرا – پتافي جهيڙو 2014 ۾ شروع ٿيو جڏهن پتافي برادري جي هڪ نوجوان ڇوڪرو ڪناسرا برادري جي زمينن ۾ داخل ٿيو.ڪناسرا، ايم پي اي راشد شاهه راشدي جي حمايت حاصل ڪن ٿا ، جڏهن ته پتافي ايم پي اي عبدالباري پتافي جي سهاري ھيٺ آهن. خيرپور ضلعي ۾ ناريجو-ڀُٽا جو خوني تڪرار ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل ۽ هڪ مقابلي ۾ ناريجا برادري سان تعلق رکندڙ هڪ ڌاڙيل جي مقابلي کانپوءِ ٿيو. مارجي ويل ملزم جي مائٽن ’بدلو‘ ورتو ۽ ڀٽو برادري سان واسطو رکندڙ هڪ پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي رپورٽ ۾ چيو ته ناريجا، ايم پي اي سيد جاويد شاهه جيلاني جي حمايت حاصل ڪن ٿا ، جڏهن ته ڀٽا ايم اين اي نفيسه شاھ جي حمايت ھيٺ اچن ٿا. سينئر پوليس آفيسر پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته خوني قبائلي تڪرار ختم ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن بااثر شخصيتون قبائلي فيصلن جي حل لاءِ پنهنجي حمايت ختم ڪن يا پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو