بدين (ن سنڌ يار) بدين شهر جي چانڊيا ننگر پاڙي جي رهواسين اشرف سمون، ستار جمالي، عارب خاصخيلي ۽ رب ڏنو سمون جي اڳواڻي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي آفيس اڳيان مظاهرو ڪيو. جنهن دوران هنن دانهيندي چيو ته اسان جي پاڙي جو مين گٽر نالي جي صفائي نه ٿيڻ سبب ابتو وهي رهيو آهي، جنهن سبب گٽرن جو گندو پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي.هنن وڌيڪ چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان واٽر سپلاءِ جي وڇايل مين لائن اسان جي پاڙي ۾ ڦاٽي پئي آهي، جنهن جي مرمت لاءِ آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ان جي مرمت نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن ڪري پاڙي جون گهٽيون به برباد ٿي ويون آهن.هنن چيو ته چونڊيل نمائندن توڙي شهر جي انتظاميا اسان جي پاڙي کي هر لحاظ کان مڪمل وساري ڇڏيو آهي، اسان شهر ۾ رهندي به ٻهراڙي وارن علائقن کان بدترين زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون پر هاڻي اسان پنهنجا حق وڙهي وٺنداسين، پاڙي وارن جي سخت احتجاج بعد ميونسپل ڪميٽي وارن ساڻن ڳالهيون ڪري مسئلن جي حل جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم ڪرايو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو